ڊيره اسماعيل خان (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس ڏني آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٻوڏ متاثرين ۾ ڄيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته متاثر بئنڪ ۾ چيڪ ڏين کين پئسا ملي ويندا. عوام لاءِ گڏ ڪيل پئسا شفاف طريقي مستحق ماڻهن تائين پهچائڻ وڏي ذميواري آهي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪسانين اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ اسان پنجاب جي هر خاندان کي 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس ڏني آهي. عمران خان چيو ته ٻوڏ متاثرين جي تذليل ڪري پئسا ڏيڻ دين جي توهين آهي. الله تعاليٰ چوي ٿو ته هڪ هٿ سان ڏيو ته ٻئي هٿ کي به خبر نه پوي. اسان فيصلو ڪيو هو ته متاثرين کي صرف گهر ٺاهڻ جي لاءِ پئسا ڏينداسين اسان کي پهريان هيٺين طبقي جي مدد ڪرڻي آهي. غريبن جي مدد ڪرڻ وقت سڀني کان اهم سندن وقار کي برقرار رکڻ آهي. جهازن مان کاڌو اڇلائيندي ڏسي شرمندگي ٿي. اسان پاڪستان کي فلاحي رياست ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
