دادو جي انتظاميا ٻوڏ متاثرين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو

دادو(ڊ ر) دادو جي انتظاميا ٻوڏ متاثرين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو، متاثرين دربدر ٿي ويا. انڊس هائي وي تي کليل آسمان هيٺ ويٺل ڪي اين شاهه جي ڳوٺ گلڻ خان کوسو جي رهواسين جو دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو. مظاهرين مصطفيٰ کوسو، ظفر کوسو، پريل کوسو ۽ ٻين ضلعي انتظاميا خلاف شديد نعري بازي ڪئي.مظاهرين دانھيندي چيو ته انتظاميا ڪٿي به نظر نه پئي اچي بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهيون، ٻارڙا عورتون بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڊي سي دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار جي آفيسن کي تالا لڳل آهن ڪنهن در دانهن کڻي وڃون پاڻي سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڳوٺ ٻاهران 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي ٽينٽ ۽ راشن به فراهم نه پيو ڪيو وڃي ڏيڍ مهيني کان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون انتظاميا پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن واهر نه ڪئي وئي ته وڌيڪ احتجاج ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں