خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي انصاف هائوس لقمان تي پي ٽي آء ضلعي خيرپور پاران ورڪرز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو ، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سکر ڊويزن جي صدر پپوخان چاچڙ ، جنرل سيڪريٽري شاڪر شاهه ، ضلعي صدر گل شاهه ، جنرل سيڪريٽري نور حسن چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ کي ڪرپشن ڪري تباهه ڪندڙن خلاف تاريخي جدوجهد جاري رکي آھي هنن چيو ته عمران خان بهادر ۽ باصلاحيت ليڊر آھي جنهن جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي يقيني آھي هنن چيو ته عمران خان جي هدايتن تي سکر ڊويزن خاص طور خيرپور ۾ پي ٽي آء جي تنظيمي جوڙجڪ کي بهتر ڪرڻ لاء ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آھن ان لاء خيرپور ضلعي ، مختلف تعلقن ۽ سٽي جي باڊيز جوڙيون ويون آھن عهديدارن کي گهرجي ته يوسي سطح تائين تنظيمي جوڙجڪ کي مضبوط ۽فعال بڻايو وڃي ته جيئن يوسي سطح تائين عوامي خدمت کي بهتر بڻائي سگهجي ، اڳواڻن چيو ته سنڌ سميت خيرپور جو عوام پيپلزپارٽي مان بيزار ٿي چڪو آھي ٻوڏ دوران پ پ پ جي ڪارڪردگي سنڌ جي عوام کي سياسي طور رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي هنن چيو ته انشاالله ايندڙ عام چونڊن کان خيرپور ضلعي ۾ طاقتور سياسي قوتن کي پي ٽي آء ۾ شموليت ڪرائي سرپرائيز ڏينداسين ، جيڪي هن وقت به رابطي ۾ آھن ان کان اڳ تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪ جا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا ، تقريب ۾ پي ٽي آء اڳواڻن سيد احمد شاهه ، احد گهانگهرو ، غلام شبير ڦلپوٽو ، اعظم اڄڻ ، غلام حيدر سومرو ، صحافي شاهد نواز سيال ، ارشد راجپوت ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
