قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ هٿ وٺي ٻوڙڻ خلاف احتجاجي مظاهرن ۽ بک هڙتالن جو اعلان

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ هٿ وٺي ٻوڙڻ خلاف ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ 20 آڪٽوبر کان 20 نومبر تائين سڄي سنڌ احتجاجي مظاهرن ۽ بک هڙتالنجو اعلان ڪندي 25 آڪٽوبر تي جيجي زرينہ بلوچ جي ورسي ملهائڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾  قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس حيدرآباد ۾ ايازلطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي برساتي ٻوڏ جو پاڻي زمينن ۽ ڳوٺن م  پاڻي ٻن مهينن کان بيھڻ ڪري زھريلو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين جنم ورتو آهي وڏي تعداد ۾ معصوم ٻار ۽ ماڻهو مري رهيا آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته لکين ايڪڙن بيٺل فصل پاڻي هيٺ ھجڻ ڪري تباھ ٿي ويا آهن وقت سر ڪڻڪ جي پوکائي نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي حڪومت ڪوڙا بل ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. اجلاس قومي عوامي تحريڪ سنڌ جون سموريون ضلعي باڊيون ٽوڙي آرگنائزر مقرر ڪيا ويا. اجلاس ۾ پھرين نومبر کان قومي عوامي تحريڪ جي ميمبر شپ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  5 ڊسمبر تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد لاھور اسلام آباد، فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا دورو ڪري مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ٽريڊ يونين، قلم ڪارن سول سوسائٽي جي اڳواڻن بار ڪائونسل جي عھديدارن ۽ ميڊيا جي دوستن سان ملاقاتون ڪري پارٽي سربراھ اياز لطيف پليجو جو پيغام ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں