مقام مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي سمجھڻ جي ضرورت آھي

مير ذوالفقار چانڊيو
مالڪ ڪائنات جا اسان سڀني مٿان عظيم احسان انعام آھن جنھن اسان کي سھڻي سردار غريبن جي غمخوار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي بڻايو جنھن جي امت بڻجڻ لاءِ الله جا پيارا نبي به پنھنجي پالڻھار کي عرض گذار رھندا ھئا پر اسان مسلمان ڪيڏا نه خوشنصيب نه آهيون جو بنا ڪنهن گھرڻ جي اسان کي ٻنھي جھانن جي آقا مديني واري سائين جو امتي بڻايو ويو آهي مديني واري سائين صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۾ جيڪڏهن سڄي زندگي لکجي تڏهن به گھٽ آھي نبي سائين جي شان عظمت ڪمالات معجزات اخلاقيات ادل انصاف پيار محبت شفقت متعلق ھزارين لکين ڪتاب ڇپجي چڪا آهن اڃا به ڏينھون ڏينهن سندس تعريف واکاڻ جي لاءِ ڪتاب شايع ٿيندا رھن ٿا الله عزوجل پنهنجي مخلوق ۾ پياري پيغمبر مديني واري سائين کي اھڙو شرف شان مان ۽ مڪان عطا ڪيو آهي جو محبوبن جي اسم جھڙو ڪنھن جو اسم ناهي حبيب ڪريم جي جسم جھڙو ڪنھن جو جسم ناھي محبوبن جي ديس جھڙو ڪنھن جو ديس ناھي محبوبن جي ويس جھڙو ڪنھن جو ويس ناھي. محبوبن جي شان متعلق پير مھر علي شاھ فرمايو
کوئی مثل نہیں ڈہولن دی
چپ کر مہر علی اتہے جا نہیں بولن دی
محبوبن ڪريمن جو جمال بي مثال ڪمال ۽ خصال بي مثال خدا تعالي جي مخلوق ۾ اھڙو شان شوڪت عظمت وارو نه آيو آهي ۽ نه وري ايندو سندس علم صبر شڪر زھد عبادت شجاعت سخاوت عنايت عزت وقار گفتار ۽ ڪردار ۾ سندس ڪو ثاني ڪونھي سندن وصفن توڙي اخلاقي قدرن کي پاڪ پروردگار پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ بيان فرمايو آهي.
ترجمو: بيشڪ ( اي محبوب ) تون اعلي اخلاقن وارو آھين مطلب ته اخلاقيات ادب واحترام جون جيڪي وصفون عادتون آهن اھي سڀ وصفون مديني واري سائين صلي الله عليه وسلم جن جي ڪردار توڙي زندگيءَ ۾ شامل ھيون سھڻا حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم سڄي جھان عالم دنيا لاءِ چمڪندڙ چراغ بڻجي آيا سھڻا حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم سڀ انسانن کان وڌيڪ سھڻا ھئا سڀ ماڻهن کان وڌيڪ سخي بھادر رحمدل شفقت ڀريا انسان ھئا پاڻ ھميشہ پنھنجن توڙي پراون سان پيار محبت شفقت سان پيش ايندا ھئا آزاد توڙي ٻانھن جي دعوت قبول ڪري انھن غريب مسڪين ماڻهن وٽ تشريف کڻي ويندا هئا ٻيا نبي پيغمبر ھڪ خاص قوم قبيلي علائقي جي لاءِ نبي بڻجي آيا پر مديني وارو سائين صلي الله عليه وسلم جن سڀ جھانن جي لاءِ رحمت العالمين بڻائي موڪليو ھو جنھن جي قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي
ترجمو: ( ۽ اسان اي محبوب اوھان کي نه موڪليو آھي مگر سڀ جھانن لاءِ رحمت بڻائي)
بلڪل حقيقت آهي اھڙي پياري پيغمبر جنھن کي مالڪ ڪائنات سڀ جھانن جن انسان حيوان مسلم غير مسلم ھر ماڻھو توڙي پکي پکڻ لاءِ پنھنجو شان شوڪت عظمت عقيدت وارو نبي بڻائي موڪليو آهي جنھن جو شان سڀني نبين پيغمبرن کان افضل اعلي آهي جنھن جي مٿان پاڪ ڪلام قرآن مجيد نازل ٿيل آهي جنھن جي امت سڀني امتن کان افضل اعلي درجي واري آهي ھاڻي اسان کي به گھرجي ته اھڙي شان مان واري آخري نبي جو ادب واحترام ڪندي ھميشھ سندس ساراھ واکاڻ ڪندا رھون جڏھن محبت عقيدت واري ڳالھ ھجي ته پوءِ عقل جي ڊوڙ لڳائڻ کان بھتر آھي تہ ماڻهو پنھنجو سر پنھنجي محبوب جي قدمن ۾ قربان ڪري ڇڏجي حقيقت آهي ته اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو اھڙو شان عظمت وارو نبي سائين مليو اڄ ان جي ولادت ڏھاڙي تي عقل جي ڊوڙ لڳائڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي اھل اولاد جي ڄمڻ کان وڌيڪ خوشيءَ جو اظهار ڪري ھڪ سچي عاشق رسول ھجڻ جو ثبوت ڏيون
meerzulfiqar572@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں