نيب قانون ۾ موجوده حڪومت پاران ڪيل ترميمون غلطي هئي، فائدو عمران خان وٺي رهيو آهي: نواز شريف/ مريم نواز

لنڊن (رپورٽ: مهيش ڪمار) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مريم نواز سان روزاني سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڪمار لنڊن ۾ حسين نواز جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملاقات ڪندڙن ۾ ايم اين اي شهباز بابر، سينيٽر نهال هاشمي پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال بابت ڳالھ ٻولهه ڪئي ويئي. نوازشريف پاران ان ڳالھ جو اظهار ڪيو ويو ته موجوده حڪومت پاران نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن ڪرڻ جي ضرورت نه هئي جيڪا غلطي هئي. اسان جي ماڻهن هن قانون تحت تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيو ۽ هاڻ جڏهن عمران خان ۾ سندس ساٿي پڪڙ ۾ آيا آهن ته هنن ترميم ذريعي فائدو حاصل ڪري وٺندا. ترميمون ڪرڻ بجاءِ هنن کي به ساڳي قانون تحت پڪڙ ۾ آڻي سگهجي ها. موجوده جوڊيشل سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ جي حوالي سان ڪيل هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف جو چوڻ ھيو ته ھيٺين عدالتن مان جڏهن ماڻهن کي سزا اچي ٿي ۽ وري جڏهن مٿين عدالت مان سزا ختم ٿي وڃي ٿي ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪنهن هڪ جڳھ تي غلط ٿيو آهي ۽ استعمال ڪيو ويو آهي آهي، ان جو حساب ٿيڻ گھرجي. هن سڌارن جي حمايت ڪندي چيو ته پارليامينٽ ذريعي سٺن ججن جي مقرري ٿئي به پر ان جي گارنٽي ڪير ڏيندو ته اڳتي هلي اهو جج استعمال ٿي نه سگھندو. مريم نواز جي ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان نواز شريف جو چوڻ هيو ته مريم وقت اچڻ تي پنھنجو ڪردار ضرور ادا ڪندي. هن اهو به قبول ڪيو ته مريم هڪ پاپولر ليڊر طور سامهون آئي آهي. مختلف جڳهن تي نواز ليگ جي ليڊرن سان عمران خان جي ڪارڪنن پاران ڪيل بدتميزي وارن واقعن جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته عمران ٽولي سياست ۾ گندو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. مختلف سوالن ۽ تجويزن بعد نواز شريف چيو ته 18 ترميم ذريعي صوبن کي پنهنجا ڪم ڪرڻ جا حق مليا آهن ۽ ڪنهن به طرح ان کي واپس ڪرڻ نه ڏنو ويندو. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته حڪومت کي ماڻهن جي بحالي تي خاص توجهه ڏيڻ گھرجي. سنڌ ۾ پارٽي صورتحال بابت هن چيو ته ڪنهن به طرح ان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. روزاني سنڌ جي ايڊيٽر کان تجويزون وٺندي چيو ته مسلم ليگ کي ڪيئن منظم ڪري سگھجي ٿو، جيئن سنڌ جي مسئلن کي به ويجهڙائي سان سمجھي سگھجي. سينئر اڳواڻن خاص ڪري مريم نواز کي بار بار سنڌ جا دورا ڪرڻ ۽ جمهوريت سان پيار ڪندڙ ماڻهن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ گھرجي. ملاقات ڪندڙ شخصيتن نوازشريف کي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين بابت آگاه ڪيو. ان موقعي تي مريم نواز به مختلف سوالن جا جواب ڏنا. مريم نواز لنڊن پھچڻ بعد پيءُ سان ملاقات بعد سرهائي محسوس ڪندي خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهي هئي. جڏهن ته نواز شريف سميت موجود سمورن ڀاتين جي باڊي لئنگئيج مطمئن نظر اچي رهي هئي. نواز شريف جو پٽ حسين نواز ۽ مريم نواز جو پٽ جنيد صفدر پڻ تمام گهڻا متحرڪ نظر ايا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں