ڄام شورو ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان جوشيلو سنڌي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

ڄامشورو(ڊ ر) ڪجهه وقت پهرين ڌارين هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل بلاول ڪاڪا جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽي آيل جهوني ڪامريڊ جوشيلي سنڌي کي شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان چيئرمين ربنواز ابڙو جي ميزباني هيٺ گليڪسي ريسٽورنٽ ۾ شاندار آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي شهري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين ربنواز ابڙو، عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن چيئرمين شيخ عبدﷲ ڪوهستاني، ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي، سگا صدر حافظ الهندو تيوڻو، سماجي اڳواڻ اين بي کوسو،  ايس يو پي اڳواڻ پيربخش سھارڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪامريڊ جوشيلي سنڌي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، هن جو ڏوھ فقط ايترو ئي هيو جو هن ناحق قتل ٿيل نوجوان بلاول ڪاڪا جي خون سان انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪيو هو، پر ڪامريڊ کي اهڙا ڪوڙا ڪيس ڪڏهن به جهڪائي نٿا سگهن، سندس جذبا اڄ به جوان آهن، تقريب ۾ ايس يو پي ٽائون صدر جاويد شورو، جي يو آئي اڳواڻ حافظ جميل احمد لغاري، شهيد ڀٽو اڳواڻ ڪامريڊ سليمان ڀلائي، دربان عالماڻي، غلام ياسين ڊومڪي، سردار نبي داد لغاري، شاھنواز خاصخيلي، علي جان سنڌي، مشتاق ڀلائي، انيس ڀٽي، صحافي صدر جوڻيجو، راشد لاکير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي ڪامريڊ جوشيلي سنڌي خطاب ڪندي چيو ته دوستن طرفان ڏنل عزت تي سندن ٿورائتو آهيان، ڪالھ به سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي، اڄ به جدوجهد ۾ آهيون، ڪوڙا ڪيس ڪڏهن به جهڪائي نٿا سگهن. تقريب جي پڄاڻي ۾ فنڪار دانش منظور ٿهيم ۽ فاروق ٻٻر گيت ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں