ڪراچي جي نادرن باء پاس ويجهو ٽينٽ سٽيء ۾ ملھ مقابلو ڪرايو ويو

گڏاپ(رپورٽ:محمد علي خاصخيلي) نادرن باء پاس ويجهو عمر بروھي ڳوٺ لڳ گلشن سيد ٽينٽ  سٽيء جي سربراھ  ۽ الخير خدمت فائونڊيشن جي چيئرمين سيد احمد علي شاھ قاظمي پاران ملھ مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ لياقت بلوچ.  عتيق الرحمان سومرو. سيد اڪبر شاھ.  عبدالحميد ڇڇر.  امجد علي بليدي.  صحافي عبدالعليم ميمڻ.  نذير بھار وڌيو. غلام مرتضيٰ  ڪيريو.  حميد جويو. نبي بخش خاصخيلي.  قمر نواب ڪانڌڙو سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  جڏهن ته  ملھ پھلوانن پھرين جوڙ جي دادن ملاح .  گلدستو خاصخيلي.حاڪم زرداري.  آدم رند.  سجاد راھو.  شير علي جوڳي.  خير محمد ڀٽي.  رجب باريجو.  گلاب بلوچ.  ڌڻي بخش خاصخيلي.  اقبال بروھي ۽ ٻين ملھ مقابلي ۾ حصو ورتو جن کي انعامن سان پڻ نوازيو ويو.  ان موقعي تي سيدڀاحمد شاھ قاظمي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي پيار ۽ امن جي ڌرتي آهي ملھ به اسان جي ثقافتي راند آهي اڄ برسات متاثر مسڪين ماڻهن جي چھرن تي مرڪون آڻڻ جي لاء اسان ھي ملھ مقابلي جو پروگرام رکيو جنهن ۾ مسڪين ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت پڻ ڪئي ھن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ھن ٽينٽ  ۾ رھندڙ ماڻهن کي سموريون سھولتون ڏيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں