ڪنري پوليس طرفان مختلف هنڌن تان 10 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪنري (ن س) ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ، ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ، ايس ايڇ او ڪنري سيد عاطف شاھ تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان گڏ ڪنري ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي مختلف ڪارواين بابت بريفنگ ڏني. ايس ايس پي اعجاز شيخ چيو ته ڪنري پوليس ھڪ ھفتي دوران مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي مختلف ڏوھن چوري، ڦر، قتل ۽ پاڻ کي آرمي جو ڪيپٽن سڏرائي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪندڙ حمزا آرائين سميت 10 ڏوھارين عاشق ڪيريو، جيئندو کوسو، قربان رند ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو آھي، ڪارواين دوران ٻن ڌار مقابلن ۾ ٽه ڄڻا عمران ماڇي، مير حسن ماڇي ۽ گل محمد ماڇي کي گرفتار ڪيو جن مان گل محمد ماڇي مقابلي دوران زخمي پڻ ٿيو آھي سمورن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ھن ٻڌايو ته نوجوان نادر ڪپري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪمال ۽ رانجھو نوحاڻي ٻين مختلف ڏوھن ۾ به ملوث آھن. ايس ايس پي چيو ته ڪنري لڳ روپوش ٿيل انعام يافته ڏوھارين خلاف گرينڊ آپريشن جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن، عمرڪوٽ ۾ فلور مل تي حملي ۽ ڌاڙي واري ڪيس جي جوابدارن تائين پھچي ويا آھيون، جوابدار جلد پوليس گرفت ۾ ھوندا. ايس ايس پي اعجاز شيخ پاران منشيات ۽ اسٽريٽ ڪرائم خلاف ڀرپور مھم ھلائڻ پوليس ۽ پريس جي حوالي جي مختلف نمبر پليٽ وارين گاڏين ۽ ھوٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو. ھن عوام ڀرپور ساٿ جي گذارش ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں