ڪراچي (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪيترن ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ گهر منتقل ٿي ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت بهتر ٿيڻ تي کيس اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. آصف زرداري جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين سندس تصوير به جاري ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس 27 سيپٽمبر تي ڪراچي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو هو. سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين جي سربراهي ۾ ميڊيڪل ٽيم سندس علاج ڪيو. اسپتال ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا مختلف ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا هئا. ڊاڪٽر عاصم حسين ٽوئيٽ ذريعي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي صحتيابي کان آگاهه ڪيو آهي.
