انڊس ھاءِ وي بڻيو موت جو راڪاس

صوفي طارق علي کوسو
دنيا ايڪويھين صدي م جنھن نموني سان سائنس جي ميدان م داخل ٿي آھي جھڙي نموني سان ترقي ماڻي رھي آھي جنھن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. سائنس ذريعي مختلف مشاھدا ۽ تجربا ڪري چنڊ ۽ مريخ کان پوءِ ٻين گرھن تي وڃڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن اھي تياريون اھو ئي ڪري سگھن ٿا جن پنھنجي ملڪ جي زمين حدودن ۾ ايندڙ ھر اداري کي مضبوط ۽ بااختيار بڻيو آھي. انھن ادارن کي ايترو بااختيار بڻايو آھي جئين اھي پنھنجن ادارن جا بھترين فيصلا پاڻ باآساني سان ڪري سگھن. انھن ادارن جي اندر ڪنھن جي به طرفان ڪنھن به قسم جي مداخلت نه ھوندي آھي اھو ڀل ڪامورو، جاگيردار توڙي ايم پي اي، ايم اين اي ھجي يا اھو چئجي ته ملڪ جو صدر ھجي اھا مداخلت انھي ڪري ڪير نه ڪري سگھندو آھي. ڇاڪاڻ ته قانون جي سختي آھي انھي سببن جي ڪري ڪوبه ماڻھو ڪنھن به اداري توڙي ماڻھو جي ڪمن م دخل اندازي نه ڪندو آھي جيڪڏھن ڪنھن به فرد انھن ادارن جي اندر غير قانوني ڪم ڪيو ته انھي جو جواب به قانون وٺندو. ڪنھن ملڪ اندر ۾ جيڪڏھن غير قانوني ڪم ٿئي ٿو ته اتان جي حڪومت ايڪشن وٺندي آھي جيڪڏھن حڪومت انھي عمل کي روڪرائڻ م ناڪام ويندو آھي ته پوءِ عوام کي اڳيان اچڻو پوندو آھي جنھن لاءِ ھڪ مثال ڏيندس ته تازو جڏھن ترڪي جي مٿيان فوجين مارشلا لا ھڻن پئي چاھي انھن فوجين جھموري حڪومتي ماڻھن کي مڪمل يرغمال ڪري مارشلا لا رائج ڪرڻ پئي چاھيو ترڪي جي ماڻھو انھن فوجين سان مھاڏو اٽڪائي روڊن تي نڪري آيا انھن جمھوري حڪومت جي گھر سان گڏوگڏ فوجين جي ٽيئڪن ۽ گاڏين ھيٺيان سمھي پيا آخر ۾ انھن ٻئي ڏينھن صبح جو فوجين کي پنھنجي قابو م آڻي ڇڏيو جبر جي حڪومت ھنن نه پئي قبول ڪيو انھن جو اھو چوڻ ھو ته جيڪڏھن نئين حڪومت ٺاھڻين آھي ته انھي جو فيصلو به عوام کي ڪرڻو پوندو. ڪنھن ملڪ جو ماڻھو توڙي ڪنھن ھنڌ جو ڪامورو، جاگيردار توڙي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪنھن به اداري جي معاملن م مداخلت نه ڪندا آھن ھر ڪنھن حڪومتي ماڻھن جا ڪم قانوني برابري حساب سان ورھايل ھوندا آھن. مداخلتون ۽ دخل اندازيون صرف سنڌ جي معاملن ۾ ھونديون آھن اھو کڻي چئجي ته قانون م اسان جي ڪامورن، جاگيردارن توڙي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز لاءِ به ڪم ورھايل آھن پر انھن جي ھميشه ھر اداري اندر مداخلت ھوندو آھي مثال طور جيڪڏھن ڪنھن به ترقياتي ڪم جو ٺيڪو نڪري ٿو ته ڪرسي تي اسان وٽ ويٺل اھو ئي چوندو آھي ته اھي ٺيڪا اسان کي يا اسان ويجھن کي ملڻ گھرجن. پوءِ انھن سببن جي ڪري اھي ڪم سدائين اڻ مڪمل رھجي ويندا آھن سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين ۽ اربين روپيا رکيون ٿيون وڃن. انھن ڪمن جو جيڪڏھن سرسي جائزو وٺجي ته اھي پيسا صحيح نموني خرچ نه ٿيندا آھن اھي ترقياتي ڪمن جي بدلي م ڪرپشن جي ور چڙھي ويندا آھن ھن سفارشي نظام حقيقي نموني سنڌ ڌرتي جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي ھن وقت سنڌ توڙي پوري پاڪستان جي ماڻھن لاءِ ھڪ سنگين مسئلو آھي اھو انڊس ھاءِ وي روڊ آھي. انڊس ھاءِ وي جنھن کي دنيا جي خطرناڪ رستن م شمار ڪيو ويندو آھي انڊس ھاءِ وي سنگل روڊ ھجڻ ڪري ھر آئي روز ڪون ڪو حادثي جو واقعو پيش ٿيندو آھي انڊس ھاءِ وي تي ھلڻ لاءِ عام رواجي طور اھي ڳالھايون مشھور آھن ته موت جي سواري ڪرڻ آھي انھي روڊ تي ھر ماڻھن آس اميد سجائي سفر ڪندو آھي انھن کي اھا خبر نه ھوندي آھي ته مان پاڻ اڇي ڪپڙي م ويڙھجي پنھنجن علائقن واپس ايندس. انڊس ھاءِ وي جيڪو ڄامشوري، سيوھڻ کان ويندي لاڙڪاڻي تائين پکڙيل آھي ڄامشوري کان مانجھند ۽ سيوھڻ وچ ۾ اڪثر حادثا پيش اچن ٿا لاڙڪاڻي کان پوءِ انھن تڪن کي پ پ جو قلعو چيو وڃي ٿو. سيوھڻ تان سائين مراد علي شاھ ۽ مانجھند – ڪوٽڙي ملڪ اسد سڪندر جيڪي ٻئي پ پ جا اسيمبلي ميمبر آھن وزير اعلي سيد مراد علي شاھ به انھي تڪ جو آھي پوءِ صرف معاملي کي نوٽيس تائين محدود ڇو رکيو ويٺو آھي؟ ڪوٽڙي ۽ مانجھند تعلقن جي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر صاحب حادثن وارن معاملن تي ڪو واضع ڪونه ھليو آھي ڇا انھي ايم پي اي صاحب کي خبر نه آھي ڊي سي ڄامشورو مڪمل معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺو آھي ڪنھن حڪومتي ڌر جي ماڻھن مان انڊس ھاء وي (خوني روڊ) تي پيش ايندڙ حادثن تي ڪير ڳالھائي نه ٿو سگھي جيڪڏھن 6 آڪٽوبر 2022 کان گذريل پنجن سالن جي حادثن جو ڪاٿو لڳائيون ته سنڌ جا ڪيترائي ٻچڙا انڊس ھاء وي روڊ مڪمل ڊبل نه ٿيڻ سبب ھزارين جانيون ڳڙڪائي وئي آھي ڪيترين ئي ماڻھن کي اپھائج ۽ ڪيترين ئي مائرن جون خوشيون، ڀيڻن کان سندس جو سھاڳ ء اولاد کان والدين کسي ورتو آھي. روڊ تي حادثا صرف جو صرف قانون جي صحيح پاسداري نه ٿيڻ جيڪري ٿين ٿا اڪثر حڪومت کان انھي معاملي ته اھو ٻڌڻ لاء مليو ته وفاق پيسا نه ٿي ڏئي پر ھاڻي ته وفاق م به ھنن جي حڪومت آھي انھن جا اتحاد ويٺل آھن ڪجھ وقت لاء اھو کڻي مڃي به وٺو ته صحيح پيسا نه مليا آھن پر ماڻھن کي تحفظ واري سفر جا انتظام ته ڪري ڏيو. جن وڏين گاڏين جي تيز رفتاري سبب اڪثر حادثا پيش ٿين ٿا انھن گاڏين جو اتان اچڻ بند ڪيو وڃي ھڪڙي پاسي اسان جي حڪمرانن وٽان اھي بيان ٻڌڻ لاء ملن ٿا ته پيسا نه آھن جو روڊ جو ڪم مڪمل ڪرائي سگھجي پر ٻئي پاسي انھن وڏين گاڏين جي روڪٿام اتان انھن جو اچ وڃ بند ڪرڻ ته صوبائي حڪومت جي ھٿ ھيٺ آھي انھي معاملي تي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندس ته انڊس ھاءِ وي تي روز جي معمول مطابق وڌندڙ حادثن بابت تي ”سوموٽو“ نوٽيس وٺي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت، تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ڊي سي کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته انھن انھي مسئلي تي ڪيتري حد تائين ايوان م آواز بلند ڪيو آھي ڊي سي کان پڇاڻو ٿئي ته ڊي سي مٿي ڪيترين اٿارٽين کي خط لکيا آھن انھي معاملي جي حساب سان ھن وقت سوشل ميڊيا نئين تحريڪ پئي ھلي انڊس ھاء وي لاء انھن دوستن کي اھو چوڻ چاھيندس ته انھي تحريڪ کي ماٺ ٿيڻ نه ڏيو جيئن اھا تحريڪ حڪومت کي بار بار انھي مسئلي طرف ڌيان ڇڪائي جئين حڪومت سخت ايڪشن وٺي پوري زندگي لاءِ اھو مسئلو ختم ڪري ڇڏي. آخر جيستائين ڊبل روڊ مڪمل نٿو ٿئي ته تيستائين انڊس ھاءِ وي مٿان خوني روڊ جو نالو برقرار رھندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں