اڏيرو لال مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي: پ پ اڳواڻ

اوڏيرولال(ن س) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ حاجي شير محمد بلوچ ۾ ضلعي انتظاميا مٽياري خلاف گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مختلف برادرين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سردار محمد ايوب ھنڱورو، شعيب بلوچ ۽ وڏيرو غلام محمد هڪڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جون پ پ اڳواڻ مٽياري ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان سان ڳالھيون ٿيون آهن جنهن خاطري ڏياري آهي ته اوهان جا جيڪي به جائز مطالبا آهن اهي جلد پورا ڪيا ويندا جن به علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي انهن زمينن ۽ ڳوٺن مان جلد نيڪال ڪرايو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي مخدوم خاندان مان اميدون آهن جن اڳ به مٽياري ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهن انشاءالله ڳوٺن ۽ زمينن مان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رهواسين جي پريشاني ختم ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں