دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو اٽو چڪي ايسوسيئشن پاران ضلعي جي 243 چڪي مالڪن خوراڪ کاتي خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، جنھن بعد پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ضلعي صدر سڪندر لاکير جنرل سيڪريٽري عرفان شيخ، زاھد حسين، افضل ڪوريجو، دائود جمالي، زاھد لاشاري ۽ ٻين دانھيو تہ اٽي جون چڪيون ننڍن وڏن ڳوٺن، شھرن ۾ موجود آھن، ڪڻڪ جي پيسائي ڪري گذران ڪندا آھيون، خالص اٽو وڪرو ڪندا آھيون، وڏيون فلور ملون ڪڻڪ ۾ موجود سوجي ۽ ميدو ڪڍي باقي ڦوڳ وارو اٽو کپائيندا آھن، اٽو خالص نہ ھئڻ ڪري مختلف پيٽ ۽ مادي جون بيماريون اٽي کائڻ سان ٿين ٿيون، اسان ڪڻڪ زميندارن، ھارين، واپارين کان وٺي پيسائي ڪندا آھيون، اسان کي خوراڪ کاتو سنڌ ڪڻڪ جي ڪوٽا گھٽ ڏيندو آھي، تنھن ھوندي بہ اسان ناڪافي ڪڻڪ کڻي اٽو ڪري سرڪاري اگھ تي کپائيندا آھيون، ھنن چيو تہ ھاڻي فوڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ سنڌ آڪٽومبر 2022 ۾ ڪڻڪ جي ڪوٽا جي ايلوڪيشن ۾ بد ديانتي ڪئي آھي، حيدر آباد ريجن جي ٻن ضلعن کي 35 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ ريجن جي باقي 7 ضلعن ۾ بہ 35 ھزار ٻوريون ڏئي وڏي ناانصافي ڪئي آھي، جڏھن تہ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدر آباد بئنچ پاران ڏنل فيصلي جي خلاف ورزي ڪئي آھي، جنھن لاءِ اسان ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪنداسين،جنھن ۾ واضع فيصلو آيل آھي تہ ڪڻڪ جي ورھاست برابري جي بنياد تي ڪئي ويندي، ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ ڪورٽ جي انحرافي ڪندڙ خوراڪ کاتي جي عملي کي سسپينڊ ڪري ڪڻڪ جي ڪوٽا ۾ ٿيل نا انصافي جو فوري ازالو ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ورھاست ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ڪئي وڃي، انتظاميہ کي ڄاڻ آھي تہ دادو ضلعي ۾ لکين ٻوڏ متاثر ترسيل آھن، انھن لاءِ اضافي ڪڻڪ جي ڪوٽا ڏني وڃي.
