دادو(ڊ ر)دادو ۾ پ ٽ الف ضلع پاران دادو ٽريزري آفيس ۾ هر مهيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن، ملازمن لاءِ دروازا بند هجڻ خلاف سوين استادن دادو نيو چونڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي دادو ٽريزري آفيسر ۽ سندس عملي خلاف سخت نعري بازي ڪري ڪچهري روڊ 2 ڪلاڪن لاءِ شھري ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي استاد اڳواڻن عنايت علي جمالي،لياقت ڀٽي، شاهنواز ڪوريجو، وسيم کوکر،جهنڊو ٻٻر،صابر ڏاوڇ ۽ ٻين چيو ته دادو ٽريزري آفيسر عبدالخالق راهپوٽو ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر محمد حسين چنگيزي پاران سرڪاري ملازمن لاءِ آفيس کي تالا لڳرائي هٿيارن سان گارڊ بيهاري ڇڏيا آهن جنهن ڪري آفيس جو ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ٻئي ڪامورا آفيس ٽائيم تي آفيس ۾ ويهڻ بدران آفيس ٽائيم کان پوئي اچي ويهن ٿا،فوتي ملازمن جون بيواهون مهينن جا مهينا رٽائرڊمينٽ لاءِ آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن دادو ٽريزري جو سمورو عملو هر بل تي ڪم تي 70 پرسنٽ ڪميشن سري عام وصول ڪن ٿا جن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي، هنن چيو ته دادو خزاني آفيس ۾ ڪرپشن جي ڌم متل آهي دادو خزاني آفيس کي ٺيڪي تي ايجنٽن جي حوالي ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص ماڻهن کي دادو خزانو آفيس سميت سنڌ جون ٻيون آفيسون حوالي ڪيون ويون آهن جنهن بعد دادو ضلعي اندر وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي،بنا رشوت جي هڪ به فائيل اڳتي نه ٿو وڌي سوين استاد رٽائر ٿيا آهن انهن کي پنهنجو حق نه پيو ملي، ملازمن جا ڪميوٽيشن ۽ ايل پي آر بل مهينن جا مهينا نه ملڻ سبب ملازم سخت پريشان آهن،جي پي فنڊ ملازم جو حق آهي ان لاءِ به ملازمن کي رلايو پيو وڃي،مظاهرين چيف جسٽس سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دادو ٽريزري آفيسر ۾ مقرر ڪيل وڏيرن کي فوري طور هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ ايجنٽ مافيا خلاف سخت قدم کنيا وڃن.
