اسلام آباد (م ڊ) راڻا ثناءُالله جي گرفتاري واري معاملي تي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس آمهون سامهون ٿي ويا آهن. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي لاءِ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي گرفتاري مشڪل بڻجي وئي. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم سينئر سول جج راولپنڊي جي حڪم تي راڻا ثناءُالله جي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي پهتي پر کين مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو. ٽيم جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ڪرايو ۽ نه ئي وري اسان سان ڪو تعاون ڪيو ويو. عدالت کي اڄوڪي ڪارروائي بابت سڀاڻي آگاهي ڏينداسين. اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسر صحافين سان ڳالهين دوران پوليس جي نامناسب رويي جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم ۽ سندن گاڏين کي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن پنجاب ٽيم جي الزامن جي جواب ۾ اسلام آباد پوليس جو موقف به سامهون اچي ويو آهي. اسلام آباد پوليس وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته ٿاڻي ۾ باقاعده گرفتاري وارنٽ وصول ڪيا ويا. ٽيم جي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت به لکيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٽيم کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قانون موجب رستو ڳولينداسين. اسلام آباد پوليس پاران ڏنل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمورين عدالتن جا حڪم مڃڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب قانوني معاملن کي قانوني طريقي سان حل ڪري. غلط بيانن سان ادارن ۽ انتظامي معاملن ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون آهن. غلط بياني تي اسلام آباد پوليس قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿي.
