خيرپور (ڊ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن جي زندگي جو وهنوار زراعت ۽ چوپائي مال تي مشتمل آهي جيڪا سخت برسات سبب متاثر ٿيا آهن چوپائي مال ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ايمونيم سسٽم ڪمزور ٿئي ٿو جنهن ڪري جانورن ۾ پروٽين جي گهٽتائي سبب جانور ڪمزور ٿيندو آهي. خيرپور ڪاليج آف ايگرڪلچر انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي برسات ۽ ٻوڏ متاثر مالوند ماروئڙن جي سهولت لاءِ ۾ ٽن ڏينهن وارو وٽرنري ڪئمپ جي افتتاح جي موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام پاران خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ لاڙڪاڻه ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر مالوندن جي جانورن کي بيمارين کان بچاءِ ۽ دوائن جي مفت فراهمي لاءِ وٽرنري ڪئمپ منعقد ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ضلعي انتظاميه، اسٽيڪ هولڊر ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان يونيورسٽي پاران اثرائتا اپاء ورتا ويا آهن ۽ هي ڪئمپ به انهئ سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي آهي. فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اقرار حسين چيو ته متاثر علائقن جي توجه زراعت تي آهي جانورن جي بهتر خوراڪ ۽ دوائن لاءِ وٽرنري ڪئمپ ساراهه جوڳو قدم آهي. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وائس چانسلر خليل احمد ابو پوٽو چيو ته يونيورسٽي پاران برسات متاثر ماڻهن جي هر سطح تي مدد ڪئي وئي آهي ۽ ان ڪئمپ جي سلسلي ۾ يونيورسٽي جو سهڪار جاري رهندو. اڳواڻي صوبائي نگران وزير زراعت حسن علي چانهيو، خيرپور ڪاليج آف ايگرڪلچر انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر سيد علي رضا شاهه، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنس پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. افتتاح بعد خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر سيد علي رضاشاهه ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام جي وٽرنري سروس فيڪلٽي جي ڊاڪٽر عبدالطيف ڀٽو ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽر نظير ملاح بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جامشورو پاران خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي پاران ٽن ڏينهن واري ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جتي برسات ۽ ٻوڌ متاثر مالوندن جي جانورن کي بيمارين کان بچاء سميت ويڪسين ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي ماهر وٽرنري ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪئمپ ۾ موجود آهي جيڪا هر لحاظ کان ايندڙ مالوندن جي جانورن کي بيمارن جي علاج سميت دوائون مفت فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته خيرپور زرعي ڪاليج پاران جوڙيل پلان مطابق ٻين تعلقن ۾ پڻ اهائي ٽيم فيلڊ ۾ وڃي مال مويشين کي ويڪسين ۽ دوائون فراهم ڪندي.
