عمران خان جهڙو بزدل ۽ منافق شخص ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، عمران خان جي راولپنڊي ورڪرز ڪنوينشن خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پر امن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ تي يقين رکي ٿي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ سياسي لانگ مارچ پنهنجي منزل تي پهچي پڄاڻي تي پهتو. ڊي چوڪ اسان جي منزل نه هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان جي لانگ مارچ جو مقصد اسلام آباد تي حملو ڪرڻ نه هو ۽ نه ئي ڪو ادارو اسان جو ٽارگيٽ هو. عمران خان جهڙو بزدل ۽ منافق شخص ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي. پوري پاڪستان ۾ ڪارڪنن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنائڻ لاءِ حلف وٺي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جهاد جو ٽچ ڏئي عوام جي جذبن سان کيڏي کين اسلام آباد تي حملو ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. آڊيو ليڪس کان پوءِ بهروپيي شخص جي چهري تان نقاب لهي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان مني لانڊرنگ، هارس ٽريڊنگ ۽ پنهنجي ڪرپشن جو جواب ڏئي. بزدل لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڇو نٿو ڪري، روزانو ٽي وي تي اچي ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. عمران خان جي بليڪ ميلنگ ۾ هاڻي ڪو به نه ايندو، سمورا ادارا آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس جا سوين دستا عمران نيازي جي استقبال لاءِ اسلام آباد پهچي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں