مناما (ويب ڊيسڪ) نار رياست بحرين ۾ هڪ نوجوان عورت ڪوچ مرد رانديگرن کي باسڪيٽ بال جي تربيت ڏئي رهي آهي. فاطما رياض النجما فٽ باسڪيٽ بال ڪلب ۾ مددگار ڪوچ آهي. هي 33 ورهين جي عورت تائي ڪووانڊو ۾ بليڪ بيلٽ به رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن هيڊ ڪوچ بڻجڻ جو ارادو رکي ٿي. فاطما جي ستن ورهين جي ڌيءَ به ساڻس گڏ هوندي آهي. هن چيو ته شروع ۾ ماڻهو کيس ڪوچ طور قبول ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيا پر پوءِ بحرين ۾ راندين جي ميدانن ۾ عورتن جي موجودگي وڌي آهي. فاطما هڪ کلي شرٽ پهري رانديگرن کي تربيت ڏئي ٿي. سندس چوڻ آهي ته شروع ماڻهن سندس قابليت تي خدشن جو اظهار ڪيو پر سخت محنت سان هن سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا.
