ملير قومي شاهراھ جي ٻنھي طرفن کان ھيوي ٽريفڪ بيهڻ سبب حادثا معمول بڻجي ويا

ملير (ڊ ر)  ملير جي قومي شاهراھ جي ٻنھي طرفن کان ھيوي ٽريفڪ ڊمپر، ٽينڪر ۽ ٽرالر بيھڻ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو، دائود شورو ڳوٺ ۽ متين ڪامپليڪس جي رھواسين ڊي سي ملير، ايس ايس پي ٽريفڪ سميت ٻين اعلي اختيارين کي درخواستون داخل ڪرايون آھن پر انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ان ڏس ۾ رھواسين لالا سليم حمايتي، ايوب چوھاڻ، قدير بلوچ، مظھر علي، دلاور جوکيو، عمر شورو، دلشير شورو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته دائود شورو ڳوٺ، متين ڪامپليڪس، شاھ لطيف ٽائون، چوڪنڊي ۽ ٻين علائقن ويجھو قومي شاهراھ تي ٻنھي پاسن کان مختلف ھيوي گاڏين ڊمہر، ٽرالر، ٽينڪر توڙي ٻين گاڏين جو غير قانوني بيھڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي جنھن سبب انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون جڏھن ته ايندڙ ويندڙ گاڏين جو گذرڻ پڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ھنن چيو ته اسان ڪيترا ئي ڀيرا لکت ۾ ضلعي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آھي، ڪجھ ڏينھن اڳ ايس ايس پي ٽريفڪ ملير پاران ڊمپر مافيا خلاف ڪاروائي ڪئي وئي ھئي پر اھا ڪاروائي به وقتي طور ثابت ٿي، ان بعد ساڳيون ئي ھيوي گاڏيون جيئن جو تيئن قومي شاهراھ تي وڏي تعداد ۾ بيٺل آھن. علائقي واسين سنڌ حڪومت ۽ ملير جي ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل علائقن مان ھيوي گاڏين کي ھٽائي قومي شاهراھ کي ڪليئر ڪرائي وڌيڪ انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں