مهانگائيءَ جو گهوڙو ۽ ڊار جي ڊاڙ

رياض ابڙو
معيشت اها ناهي ته رڳو پيٽرول جون قيمتون وڌائجن يا گھٽائجن يا ڊالر جون قيمتون گھٽائجن يا رڳو اسٽاڪ ايڪسچينج واري راند کيڏجي، پر معيشت اها ضرور آهي ته ماڻهن جي معاش جي ذريعن جو ڌيان رکجي، پيداوري صلاحيت وڌائجي ۽ وقت سر انهن جو به خيال رکجي ۽ انهن روزگارن جي اوسر به ڪجي، انهن غريب الحال ماڻهن جي معاش جي ذريعن کي فعال ۽ معتدل به بڻائجي (معني هرهڪ روزگار سان لاڳاپيل رکجي) ته جيئن ماڻهن جي جياپي جو سامان آسان ڪري سگهجي، روزگار جي گھڻائي ممڪن ڪري سگهجي، ان ڪري ته ماڻهو جيڪڏهن ڪمائيندا ته گهر هلندو، گهر هلندو ته مارڪيٽ ۾ چرپر ايندي، ان ڪري ان معاش جي اوسر جا ننڍا ننڍا يونٽ گهر به هوندا آهن جيڪي ملي جلي معاشي خوشحالي جا ضامن به بڻجن ٿا، ان ڪري جو گهر هلندو ٿه فيڪٽريون هلنديون ۽ صنعتن ۾ هلچل مچندي يا جڏهن معاشرو سکيو هوندو تڏهن عام ماڻهو به سکيو هوندو يا جڏهن عام ماڻهو سکيو هوندو ته معني معاشرو به سکيو هوندوآ ۽ معاشرو سکيو هوندو ته معني ملڪ سکيو هوندو ۽ ماڻهو پنهنجي گهرون ترئون کائيندا ته معاش جا ذريعا، سروس سيڪٽر، مٽاسٽا وارا عمل يا عام ماڻهن جي خريد جي قوت وڌي ويندي، شيون امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ به ڪري سگهبيون، ان ڪري رڳو اسحاق ڊار جو ناڻي جو وزير هجڻ ضروي ناهي پر ان جي پاليسين جو پائيدار هجڻ به ضروري آ، يا هاڻي ٻوڏ جي ڳنڀير صورتحال جي ڪري اقتصادي ۽ معاشي مسئلا وڌي ويا آهن جن جي ڪري ذخيرن ۾ گھٽتائي ٿي پئي آ، ۽ فارين رزروس گھٽجي ويا آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج جي انڊيڪس ۾ ٻاڙائي آ، معاشي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي پئي آ، سماجي تڪرار پنهنجي جاءِ تي پر شين جي اگهن ۾ به استامت ناهي رهي هڪ ڏينهن هڪ اگھ آ ته ٻئي ڏينهن ٻيو اگھ ٿي ٿو وڃي، واپارين ۽ دوڪاندارن جو بهانو رڳو ڊالر جي واڌ آ جو حڪومت کي ٻه گاريون ڏئي شيون وڪڻي ٿا وڃن.
ٻوڏ جي مصيبت کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چيلينج اهو به آهي ته اهي ادارن کي ٻيهر نئين سري سان تشڪيل ڏين انهن ادارن جي تباھ ٿيڻ جي ڪري حڪومت وري انهن ادارن جي جوڙجڪ ٻيهر ڪري، اهي روڊن جا انفرا اسٽرڪچر ٻيهر مرمت ڪري وري هلڻ جهڙا ڪن جن جي بند ٿيڻ يا ٽٽڻ سان واپار جي رستا بند ٿي ويا آهن يا جن روڊن جي ٽٽڻ سان شهرن جا شهرن سان رابطا گھٽجي يا ڪٽجي ويا آهن جن جي ٻيهر مرمت يا جوڙجڪ تائين عام ماڻهن جي زندگي متاثر رهندي معني معيشت متاثر رهندي ان ڪري بين الاقوامي امداد ته آهي ضروري پر ماڻهن جي في ڪس آمدني به اثرانداز ٿيندي رهندي، يا جيڪي به ڪنوينشنل بئينڪون يا انهن جون برانچون يا لوڪل فيڪٽريون يا ادارا آهن اهي روڊ رستن يا پاڻي جي گھڻائي جي ڪري متاثر رهيون يا رهنديون آيون آهن، اهي وري ٻيهر بحال ٿيڻ تائين معيشت به متاثر رهندي ان ڪري اسحاق ڊار جي لاءِ ڊالر جي گيم بازي چيلينج ناهي پر اهي ادارا جيڪي نيست ۽ نابود ٿي ويا آهن جيڪي بارشن، فليش فلڊ جي ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آهن يا زرعي سيڪٽر جيڪو تمام گھڻو متاثر ٿيو آ ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي به صنعتون ۽ ادارا پڻ متاثر ٿيا آهن اهي به هڪ چيلينج آهن جن کي منهن ڏيڻ اسحاق ڊار جي وزارت سهڻي نموني منهن ڏئي ته هو هاڻي (ڀلي بين الاقوامي امدادن سان ئي) انهن کي ٻيهر ڪيئن ٿو جياري.
پر هي شهبازسرڪار وارا پي ٽي آءِ وانگي اهو ٿا سمجهن ته ماڻهن کي رڳو ڊالر جي گيم ۾ ڦاسائجي رکجي ۽ سڄو ڏينهن ويٺا ڊالر جي لاٿ ۽ چاڙھ کي ڏسن ۽ جي گھٽجي ته سمجهن ته حڪومت وڏو ڪم ڪيو آهي يا اهو سمجهن ته اسحاق ڊار جي هٿ ۾ واقعي اهڙي جادو جي ڇڙهي آهي جيڪا ڦيرائيندو ته ڊالر ڦھ اچي هيٺ ڪندو يا اسحاق ڊار ان ڳالھ جو به دعويدار آهي ته اسان اڃان ڏنڊو ناهي هلايو ان ڪري ڊالر اڃان هيٺ ايندو، ۽ عوام به چاهي ٿو ته ڊالر اڃان هيٺ اچي پر شيون به سستيون ٿين، اٽي ٻاٽ کان علاوه ٻئي جيڪي به شيون آسمان سان وڃي لڳيون آهن اهي به گھٽ ٿين، يا جڏهن مفتاح اسماعيل هيو ته اهو ڪو چونڊل نمائندو نه هيو، ان ڪري اهڙي ڪنهن به وزير يا وقتي صلاحڪار کي حڪومت رڳو ڇھ مهينا هلائي سگهندي آ يا هلائي سگهي ٿي جيڪو اڻ چونڊيل هجي، مثال جيئن ماضيءَ ۾ ڊاڪٽرعبدالحفيظ کي ورلڊ بئينڪ مان گهرائي پي ٽي آءِ وارن (مشرف ۽ پي پي جي دور ۾ ناڻي ۽ پرائيوٽائيزيشن جو وزير به هيو) ناڻي ۽ پرائيوٽائيزيشن جو وزير بڻايو هينس ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نومبر 2019 ۾ ان تي به اعتراض واريو هيو ته اڻ چونڊيل نمائندو ناڻي جو وزير نه ٿو ٿي سگهي ته پي ٽي آءِ جي سرڪار ان کي صلاحڪار بڻائي وزارت واري سيٽ خالي ڪري ڇڏي ۽ ڪوشش ڪين ته ان کي مارچ 2020 واري سينيٽ جي الڪيشن ۾ چونڊرائي سينيٽر ڪري رکنس پر اهو ڪم به نه هلائي سگهيا، ان ڪري ته ان سينيٽ جي چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني سيٽ کٽي ويو هيو ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ وري اها سيٽ هارائڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو، هاڻي مفتاح اسماعيل سان به ساڳي ڪار هئي هن ويچاري کان سڀ ڏکيا فيصلا ڪرائي مهانگائيءَ جو ٺِڪَرُ ان جي مٿان ڀڃي ويا ۽ هن کي ڇهن مهينن کان اڳ ئي چلتو ڪين، ان ڪري جو شهبازسرڪار وارا سمجهن پيا ته هي مفتاح اسماعيل آهي ئي وقتي ان ڪري سڀ ڏکيا فيصلا هن کان ڪرائي ڇڏجن ۽ جڏهن اليڪشن ويجهي اچي ته اهي ڳالهيون ڦيرائي سگهجن معني ڊالر ۾ ڪجھ ٺاپر آڻجي، ان ڪري هاڻي جيڪي به امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس ٿين ٿيون اهي ڊالر جي بدلي ٿين ٿيون اهي جيڪڏهن روپئي ۾ ڪيون وڃن ته روپئي جي قدر ۾ ڪجھ اضافو ممڪن هجي يا پيٽرول جي امپورٽ به ڊالر ۾ ٿا ڪن ته جيئن ان ۾ تيزي سان ردوبدل ڪري سگهجي پر اسحاق ڊار کي اهي سڀ سائنسون اينديون آهن ته ڊالر کي هيٺ مٿي ڪيئن ڪجي ۽ پيٽرول سستو ڪيئن ڪجي يا امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ڪيئن وڌائجن يا گھٽائجن جنهن سان روپيو مستحڪم ٿئي.
هي ڳالھ به سمجهڻ جهڙي آ ته عام ماڻهو جيڪو پئيسو ڪمائي ٿو اچي ته ان پئيسي تي رڳو ان شخص جو حق آهي ته اهو ان پئيسي کي خرچ به ڪري، پر ٽيڪس نظام ۾ قانون ابتو آ معني پئيسو عوام جو ۽ عياشي حڪمرانن جي، اها ڳالھ وڃي ائين بيٺي ته پئيسا ڪمائي هڪڙو ۽ کائي ٻيو يا ”ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير“ پوءِ اهڙو نظام جنهن تحت اهي ڪمايل پئيسا عام ماڻهن کان ڦري اهو چئي سگهجي ته توکي پئيسا خرچ ڪرڻ نه ٿا اچن ان ڪري تون اهي پئيسا مون کي ڏي ته مان توتي خرچ ڪيان، معني جيڪي به ٽيڪس جمع ٿئي ٿي اها ٽيڪس ۽ پئيسن جي آوندڙ ته رڳو عام ماڻهن جي ڪمائڻ جي بدولت آ، يا عام ماڻهو جڏهن کائيندو، پيئندو، گهمندو، پڙهندو يا زندگي جيئندو ۽ خرچ کاٻار ڪندو ته رياست ان کان هر قدم تي پئيسا اوڳاڙيندي، مثال جي ٻار پڙهائي ته به هر شيءِ تي ٽيڪس ڏئي، جي کائي پيئي ته به هر شيءِ تي ٽيڪس ڏئي، گاڏي هلائي ته پيٽرول يا ڊيزل کپائي ۽ ساڙي ته به ٽيڪس ڏئي يا ٻيا خرچ کاٻار ڪري ته به ٽيڪس ڏئي ته پوءِ عوام جي اهڙي ٽيڪس تي رڳو چونڊن جي مٿان چونڊون ۽ وزيرن جي مٿان وزير ڇو رکجن، ان ڪري ته رياست سمجهي ٿي ته انهن کي ئي سياست ڪرڻ ڏيو، اهي ئي صوبائي سياست ڪندا، اهي ئي وفاقي سياست ڪندا، اهي ئي بلدياتي سياست ڪندا ان ڪري ته انهن جي اک ان ٽيڪس ڪليڪشن تي آ جيڪا ويلٿ ٽيڪس آ، جيڪا جي ايس ٽي آ، جيڪا ٽيڪس بلدياتي ادارا ڏينهن رات ڪمائن ٿا، جن ادارن تي هي قابض آهن يا جيڪي هي ادارا ڦٻائڻ چاهن ٿا جن ادارن تي لساني رنگ ۽ زنگ چڙهيل آهي، جن جي ڦٻائڻ سان هي سمجهن ٿا اهي وري ساهي پٽي ويندا.
پهرين هر سرڪار ان تاڙ ۾ هوندي هئي ته ٽيڪس وڌائجي هاڻي هنن کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اهي سڀ حل ملي ويا آهن ته پيٽرول جي قيمتن جي واڌ مان سڀ خسارا پورا ڪري سگههجن ٿا، معني بجيٽ ڊيفيسٽ به پورو، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا به پورا ۽ ٻيا خرچ کاٻار به پورا، ان ڪري شهبازسرڪار به ڪجھ ڳوٽون چونڊن جي لاءِ بچائي رکيون آهن جنهن ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ۽ ممڪن آ ته پرائيس ڪنٽرول به ڪن، ڇو ته شهبازسرڪار کي عوام چور ٿو سمجهي يا اهي شهبازسرڪار وارا به سڀ امپورٽيڊ آهن (جنهن جي ساک عمران خان ڏئي چڪو آ) ان ڪري هاڻي هي سڀ عوامي ڪم ڪندا هلندا، جنهن ۾ اهي سڀ سائنسون هونديون جنهن ۾ پيٽرول جون قيمتون گھٽائيندا (اها ٻي ڳالھ آ ته 2030 تائين فرانس جي انوائرونمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي، جي20 ملڪن ۽ جي8 ملڪن جن ۾ آمريڪا، چين، روس، فرانس، ڪيناڊا، جرمني، سعودي ۽ ڪجھ ٻين ملڪن جو پريشر آهي ته اهي پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏيون گھٽائن جنهن سان ماحول جي آلودگي گھٽائي سگهجي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن تي ضابطو به آڻي سگهجي ان ڪري ان ڏس ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هائيبرڊ بسين جا پراجيڪٽ هلائن ٿا ته جيئن پيٽرول سان گڏ دونهين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں