ٽنڊو الهيار ۾ 2 سال اڳ گم ٿيل نوجوان کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ٽنڊوالهيار(ڊ رايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق بجاراڻي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نوجوان عيسي ساند 2 سال اڳ ابراهيم شاه جي ميلي تي وڃڻ کان پوء گم ٿي ويو هو جنهن بعد ڪالو سانڌ جي فرياد تي گمشدگي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو هن چيو ته هن ڳجهي مامري کي حل ڪرڻ لاء ڪيتريون ئي ٽيمون ۽ جي آء ٽيون ٺهيون پر قاتل پوليس اهلڪار هجڻ ڪري ڪو ثبوت ظاهري طور نه ڇڏيو هو جنهن کان پوء مون طرفان جوڙيل ٽيم جي انڪوائري دوران مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آهي جوابدار علي محمد خاصخيلي اعتراف ڪندي چيو ته عيسي’ ساند کي ابراھيم شاھ جي ميلي مان اغوا ڪري کيس سندس ويڳي پيء پوليس اهلڪار عدلو عرف عبدالڪريم ساند ۽ سندس پٽن ۽ ڀائيٽن سان گڏجي گهر اندر گهٽا ڏئي قتل ڪري مٽياري جي ڇنڊڻ موري ۾ اڇليو ويو ايس ايس پي ٻڌايو ته نوجوان جو لاش مٽياري پوليس کي ڇنڊڻ موري مان مليو جن ضروري ڪاروايون پوريون ڪري لاش ايدهي حوالي ڪيو جيڪو ايدهي سينٽر حيدرآباد وارن دفنائي ڇڏيو ايس ايس پي موجب مذڪوره جوابدارن جو مقتول عيسي سانڌ سان زميني تنازعو هلي رهيو هو زمين جي لالچ ۾ اچي ويڳي پيء عيسي سانڌ کي قتل ڪيو هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ پوليس ۽ وارث مسلسل ٻن سالن کان عيسي’ ساند جي ڳولھا ڪندا رھيا هن وڌيڪ چيو ته 2 جوابدار گرفتار آهن پڇا ڳاڇا جاري آهي جوابدارن جو رمانڊ ورتو آهي وڌيڪ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفي ڪردار تائين پهچايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں