پڊعيدن ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

پڊعيدن(ن س) پڊعيدن لڳ يوسي ڀانڀري جي مختلف ڳوٺن عباس ملو راڄپر محمود مبيجو ڌڱاڻو سابقي چنا جي رهواسين کي راشن نه ملڻ خلاف سندن ڳوٺ ٻاهران احتجاج ان موقعي تي عبدالرحيم راڄپر، زاهد حسين راڄپر، مولوي امجد راڄپر، گلاب چنو، سليمان چنو، عبيدالله مبيجو، رمضان راڄپر  ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته برسات کان پوء اسان جا گهر تباه ٿي ويا مال مري ويو گهرن کان بي گهر لڳا پيا آھيون ڪير به چونڊيل نمائندو نه پڳو آھي، هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پي ٽي آء اڳواڻ امتياز راڄپر اسان جي ٽينٽنم گهرن ۽ پاڻي جا فوٽو ڪڍي  نوشھروفيروز ڊي سي آفيس مان راشن وٺي آيو آھي پر ان  راشن دوڪانن تي کپائي ڇڏيو آهي  جيڪي حقي غريب مزدور بي روزگار آھن انهن مان ڪنهن کي ناهي مليو اسان سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن جي واهر ڪئي وڃي ۽ غريبن کي راشن ٽينٽ ۽ مڇر مار اسپري ۽ مڇردانيون ڏنيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں