مٺي (خاص رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٿرڪول مائنر فيز ٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته آهي ته هي خوشحالي ۽ ترقي جو منصوبو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان ڏهه رُپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٿر ۾ 175 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن جنهن مان گئس ٺاهي سگهجي ٿي، ايندڙ سال تائين ٿر جي ڪوئلي مان ملڪي معيشت ۾ غيرمعمولي واڌ ايندي، پاور پراجيڪٽ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وڌي 2640 ميگاواٽ ٿي ويندي. شهباز شريف چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان ڏهه رُپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿيندي، هي خوشحالي ۽ ترقي جو منصوبو آهي، هي جديد ٽيڪنالوجي سان مڪمل ٿيندڙ رٿا آهي جنهن سان ماحولياتي گدلاڻ پيدا نه ٿيندو، هڪ وقت هو جڏهن زندگي گهارڻ جا آثار نه هئا ۽ اڄ هتي بجلي پيداوار ٿئي ٿي. هن چيو ته ٿر ۾ بهترين معيار جا پلانٽ ۽ بوائلر آهن، هتي گدلاڻ نه آهي، هن رٿا سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو رسندو، منصوبي سان اسان جي مٽا سٽا وارو ججهو ناڻو بچي ويندو، جيڪڏهن سئو سيڪڙو ٿرڪول سپلاءِ ڪيو وڃي ته اربين ڊالر بچي ويندا. هن چيو ته تيل جا اگهه هيٺ مٿي ٿيندا آهن، ٿر ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو آهي جنهن کي تيل ۽ ڊيزل ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ اجلاس طلب ڪندس، اجلاس ۾ توانائي، گئس ۽ ٻين منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته سياري لاءِ گئس اتنظام ناهي ٿي سگهيو، هن چيو ته گئس تمام گهڻي مهانگي ٿي چڪي آهي، اسان جي پهچ کان پري آهي، گئس جي درآمد جي ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر اڃا تائين انتظام نه ٿي سگهيا آهن، ڇهن مهينن دوران چويهه ارب ڊالر توانائي تي خرچ ڪري چڪا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪوئلي جي ترسيل لاءِ اسان کي گڏجي ريلوي جو نظام پڻ بهتر بڻائڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به تقريب ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم شهباز شريف ٿر جي هڪ ڏينهن واري ياترا تي اسلام ڪوٽ جي شهيد مائي بختاور ايئرپورٽ پهتو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
