ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٽائون ڄامشورو طرفان ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. ٽائون انتظاميه طرفان شهر کي هٿ وٺي کنڊر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ٽائون جي 10 وارڊن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي روڊ رستا گليون ناليون مڪمل تباھ آهن شهر کي ڪو به ڊرينيج نه هجڻ ڪري پاڻيءَ جا ننڍا وڏا ڊيم ٺھڻ لڳا آهن جنهن ڪري مڇرن جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي اسان ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي ڪافي دفعا لکت ۾ ڏنو پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو جنهن ڪري اڄ ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل آهيون. ٽائون ايڊمنسٽريٽر ڪرپٽ ترين آھي کيس هٽائڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. ٽائون ڄامشورو صدر جاويد شورو فاروق نواب ٻٻر شاهنواز خاصخيلي جون بک هڙتالي ڪئمپ تي صحافين سان ڳالهيون. ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ حافظ بخشل سيهڙو تعلقي صدر نثار لاکير محمد بخش مري سرور برفت سليم لاکو,اعجاز برفت ديدار چانڊيو قادر بخش ڀلائي حميد تيوڻو اشرف شورو اسماعيل چانڊيو آصف ڀلائي ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي شھري ايڪشن ڪاميٽي چئيرمين ربنواز ابڙو سماجي اڳواڻ اين بي کوسو شھيد ڀٽو اڳواڻ اسد شاھ ۽ صحافين محمد شريف ابڙو صدر جوڻيجو مرتضي نوحاڻي سهيل جويو راشد لاکير شرڪت ڪئي.
