ڊگھڙي لڳ سم نالي ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ فصل ٻوڙي ڇڏيا، سنڌ هاري ڪاميٽي جو ڌرڻو

ڊگھڙي(ن س) ڊگھڙي ڀرسان ديھ 170 کان نڪرندڙ سم نالي ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ فصل ٻوڙي ڇڏيا انب موري اسٽاپ تي ڌرڻو،ڊگھڙي ڀرسان انب موري اسٽاپ تي سماجي اڳواڻ احسان جروار، محمد علي ڪلوئي، سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي صدر انور نوحاڻي ،سليم ڪلوئي،رازق ڏنو ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي ۽ ڊگھڙي تعلقي جي انتظاميه جي نااهلي جي ڪري ديھ 170 کان نڪرندڙ غير فطري ۽ نامڪمل سم نالي کي هنڌان هنڌان گهارا پئجي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو اٿس تازو برساتن کانپوء نامڪمل سم نالي ٽنڊوجان محمد ۽ انب موري ڀرسان وڏي تباهي آندي آهي بيٺل پاڻي ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ڊگهڙي تعلقي جي انتظاميه پنهنجي نااهلي کي بچائڻ لاء پاڻي نيڪال لاء اڃان تائين ڪي به اپاء ناهن ورتا هڪڙا اڳ ئي ٻڏل آهن وري انهن کي بچائڻ لاء روڊ تي ڪٽ ڏئي باقي بچيل عوام کي ٻوڙڻ اهو مسئلي جو حل ناهي هنن چيو ته نامڪمل سم نالي جو ڇوڙ پراڻ ۾ ڪرائي سوين ڳوٺ ۽ فصل بچايا وڃن ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون  سميت آس پاس جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي ڌرڻي وارن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي جنهن جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں