ڏوڪري(ن س) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سائينداد جوڻيجو جو رهواسي يارهين ڪلاس جو شاگرد حق نواز جوڻيجو گذريل ڏينهن کان لاپتا،سندس وارٽن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سائين داد جوڻيجو جي رھواسين قادر بخش جوڻيجو، محمد نواز، ربنواز، محمد علي جوڻيجو صبغت ﷲ، روشن علي، خادم حسين جوڻيجو ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن 17 سالہ نوجوان حق نواز جوڻيجو جيڪو يارهين ڪلاس جو شاگرد ۽ ڏوڪري جي ڊاڪٽر نريش ڪمار وٽ ڪمپائونڊر جو ڪم پڻ ڪندو هو، گهران نڪري ڪلينڪ ويو جيڪو ھن وقت تائين واپس گهر ناهي پهتو.ھنن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جو ڏوڪري جي جوڻيجا برادري جي گل حسن جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو،پبلڪ ھيلٿ سپر وائيزر علي نواز جوڻيجو،نادر علي جوڻيجو، علي گوهر جوڻيجو، دلشير جوڻيجو ۽ ٻين سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آهي، انهن ئي اسان جي نوجوان کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو وڃي.
