ڪيلو صحت لاءِ فائديمند آهي، اهو ذائقيدار ڦل سولائي سان ۽ گهٽ اگهه ۾ خريد ڪري سگهجي ٿو جنهن سان اڻ ڳڻيا ۽ حيرانڪن فائدا آهن. صحت مند غذا لاءِ ڪيلا بهترين چونڊ آهن ۽ گهڻو ڪري سڄو سال ملندا آهن، گرم علائقن ۾ هر جڳهه تي موجود هوندا آهن. ڪيلا کائڻ سان وزن گهٽ ٿيندو آهي، هاضمو بهتر ٿيندو آهي ۽ دل جي صحت لاءِ به ضروري آهي. ماهرن موجب ڪيلن ۾ فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊينٽ موجود هوندا آهن، هڪ ڪيلي ۾ هڪ سو ٻارنهن ڪيلوريز شامل آهن. ان کانسواءِ هڪ ڪيلي (هڪ سو ڇويهه گرام) ۾ پروٽين، فائبر، وٽامن، پوٽاشيم ۽ ٻيون خوبيون موجود آهن. رپورٽ ۾ آهي ته شگر جا مريض به ڪيلي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، معدي ۾ کاڌو هضم ڪرائڻ وارو فائبر موجود هوندو آهي. جيڪي ڪيلا ساوا يا ڪچا هوندا آهن انهن سان معدي کي نقصان ٿي سگهي ٿو. شگر جا مريض کائڻ بعد جيئن ڪيلو کائن ته بلڊ شگر ليول بهتر ٿيندو. هاضمي لاءِ ڊاڪٽر دوائن جو ڍير لکي ڏيندا آهن جڏهن ته ڪيلا کائڻ سان هاضمي جي مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ماهرن ٻڌايو آهي ته وزن ۾ گهٽتائي لاءِ به ڪيلي جو استعمال ٿين گهرجي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گردن لاءِ به ڪيلا فائدي وارا هوندا آهن، بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن جڏهن ته ورزش کانپوءِ ۽پهريون کائڻ به جسم ۾ غذائيت پيدا ڪندو. ماهرن چيو ته ورزش ڪندڙ ماڻهن کي مسلز جو سور ختم ڪرڻ لاءِ ڪارائتو آهي جڏهن ته دل جي صحت لاءِ به فائديمند آهي. ان ۾ پوٽاشيم موجود هوندو آهي، سوڊيم ۽ لوڻياٿ نه هجڻ جي برابر آهي ان لاءِ شريانن کي هاءِ بلڊ پريشر کان به تحفظ فراهم ڪندا.
