انڙ آباد(پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جسقم جي نيشنل ڪانگريس جو ساليانو اجلاس جسقم چونڊ ڪميٽيءَ جي مکي تاج جويو ۽ ٻين ميمبرن جي نگرانيءَ ۾ عمر ڪوٽ لڳ جسقم جي باني چيئرمين عبدالواحد آريسر جي ڳوٺ انڙ آباد ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ سڄي سنڌ مان پارٽي جي نيشنل ڪانگريس جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي چونڊ ڪميٽيءَ پاران اليڪشن عمل لاءِ فارم جاري ڪيا جنھن م فارم ڀريندڙ اميدوارن ۾ اسلم خيرپوري چيئرمين، ناز نوتڪاڻي سينيئر وائيس چيئرمين سميت 8 عھديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته جنرل سيڪريٽري تي سرمد ميراڻي ۽ ارباب ڀيل وچ ۾ ووٽنگ بوٿ لڳائي ووٽنگ ڪرائي وئي جنھن ۾ سرمد ميراڻي 16 ووٽ مٿي حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو ، ٻين بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ عھديدارن ۾ وائيس چيئرمين اشرف ڀھليم، ڊپٽي سڪيٽري محمد خان شورو جوائنٽ سڪيٽري ملوڪ کوسو، ماليات سڪيٽري غازي خان جکراڻي، پريس سيڪريٽري اعجاز منگي ۽ ڪلچر سيڪيٽري عنايت اوڍو شامل آهن تاج جويي مرڪزي باڊي کان حلف ورتو، سائين خان محمد لغاري ۽ ارباب ڀيل جي ڏنل اطلاعن موجب جسقم جي مرڪزي اليڪشن امرڪوٽ انڙآباد ۾ ٿي گذري جنھن ۾ مرڪزي باڊي ۾ ٻن سالن لاءِ ھيٺيان عھديدار چونڊيا ويا آھن ـجسقم جي نئين چونڊ جي آيل مرڪزي باڊي کي نيشنل ڪانگريس اليڪشن ڪميٽيءَ پاران ڀليڪار ڪئي وئي آهي چونڊ ڪميٽيءَ جي مکي محترم تاج جويو صاحب مرڪزي باڊي کان حلف ورتو آهي نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ مرڪزي باڊي جي چونڊ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي ساز اداري جيئمسٽ ڪائونسل جي ڏھ ميمبرن جي پڻ چونڊ ڪئي وئي آهي، چونڊ عمل کان پوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ سبب جسقم جي باني چيئرمين قومي دانشور عبدالواحد آريسر جي 73 ھين سالگرهه سادگيءَ سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو جنھن موجب تقريب ڪيڪ ڪاٽي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري سرمد ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ٽين عالمي طرف گامزن اڳ ٻن جنگين ۽ ايندڙ ممڪنا عالمي جنگ جي نوعيت مختلف ٿي سگھي ٿي پر جنگيون انساني المين کي جنم ڏينديون آهن اسان کي پنهنجي قوئت سان سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت قومي تحريڪ قومي ٻڌيء کي سگھارو ڪرڻو پوندو، پ پ پ پنجاب مسلم ليگ ن پي ڊي ايم اسٽبلشمينٽ جي پيج تي آھن جن سنڌ کي عالمي امداد جي لالچ ۾ ٻوڙي ٽي ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ معيشت کي برباد ڪري ڇڏيو آهي ، جسقم قيادت وچن ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ ڪابہ ترميم قبول نه ڪنداسين عدم تشدد جي پاليسي تي ثابت قدم رهي پيغام سنڌ کي سنڌي قوم جي عوامي سگھ سان سوڀارو ڪنداسين، ان موقعي تي جسقم جو سينئر اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي حسن چانڊيو، ارباب ڀيل، جساف آڳواڻ وحيد سنڌي، امير باغي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
