دلشاد خاصخيلي
پرائمري ۾ پڙھندا ھئاسين ڪيسٽ جو دور پنھنجي جوڀن جواني ۾ ھو، چانھ جي ھوٽلن ۽ ٽريڪٽرن سان گڏ ماڻھو ٽيپ رڪارڊر تي سنڌي ڪلام وڏي شوق سان ٻُڌندا ھئا ٻين فنڪارن سان گڏ لاڙي انداز رکندڙ ڪلاسيڪل راڳي اُستاد مٺو ڪڇي جي آواز جا ماڻھو ديوانه ھُئا تڏھن اُستاد مٺو ڪڇي جي ۾ ھڪ ڪلام سپرھٽ ٿيو “منھنجا سُھڻا سڄڻ توکي منھنجو قسم منھنجي دلڙي دلبر وئي آ توسان اڙي “. ان جڳ مشهور ڪافي جو شاعر ھو منھنجو محبوب سائين غلام حيدر شاھ ٻُسٽاني. علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکندڙ سائين غلام حيدر شاھ قلندري جو پھريون ڪافين جو ڪتاب “منھنجا سُھڻا سڄڻ” مارڪيٽ ۾ آيو ۽ اڄ تائين سائين جن جا 21 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جڏھن ته 14 اڻ ڇپيل ڪتاب واري واري سان ڇپائي لاءِ تيار آھن. قبله سائين غلام حيدر شاھ قلندري جو اصلاحي ڪالمن تي مبني ڪتاب ” ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا” پڙھيم سوچيم ان تي ڪجھ لکجي پھرين ته آئون ناچيز ايترو لھان ئي ڪونه جو بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري لاءِ انھن لفظن جي چونڊ ڪري سگھان جيڪي بابا سائين جي علمي ادبي قد ڪاٺ ۽ سندن شخصيت لاءِ بلڪل ايترو وزن رکندا ھجن جو بابا سائين جي ڏات جي اڏام تائين پھچي سگھن، بابا سائين کي ۽ سندن لکڻين کي ڏات جي ڏيھ ۾ ھيرن جي اڻ کٽندڙ کاڻ سان ڀيٽا ڏيان يا ارپيان فطرت جون اُھي سحر انگيزيون جن کي محسوس ڪرڻ يا پرکڻ سان انساني سوچ سِڪ، سونھن ۽ سچائي جي حقيقي رنگن تائين رسائي حاصل ڪري سگھي ٿو ، ڇونه سوپيان بابا سائين کي جھان جا سمورا جلترنگ، چنڊ جي چاھت ۾ پرواني جي عشق جي اوچائي، يا ڀيٽيان ڪنھن مست ملنگ جي اندر جو احساس جيڪو دُنيا جي ھر ان خواھش کان بي خبر آھي جيڪا وقت حاضر ۾ انسان جي ڀٽڪڻ جو سامان آھي. بابا سائين غلام حيدر شاھ صاحب جو ديدار سال 1988 ۾ نصيب ٿيو جڏھن جڳ جا ماڻهو بابا سائين کي غلام حيدر شاھ ٻُسٽاني جي نالي سان سڃاڻيندا ھئا تڏھن کان اڄ ڏينهن تائين سائين بابا سان پريت جا پيچ ڳنڍيل آهن ۽ انشاﷲ جيون جوڳ ۾ ساٿ سلامت رھندو . آئون سمجھان ٿو سائين بابا کي ڏات جا انمول خزانا ڪنھن اھڙي ورھاست ۽ ولايت جي نگري مان مليل آھن جيڪي ھر ڪنھن کي نصيب ناھن ٿيندا. بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري روحاني صوفياڻي سلسلي (انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر) ۾ سٻاجھڙي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سلسلي جي اصل مقصدن ۽ ڪمن سان گڏ ان ئي ڪم جي ھڪ ڪڙي ڪالم لکڻ ۽ انھن کي سلسلي سان ڳانڍاپيل توڙي خلق خدا لاءِ سبق آميز مواد پھچائڻ جو ھڪ سگھارو ذريعو پڻ ٺاھيو. سائين جن لکيل ڪالم پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا جن مان مون فقير ( راقم القلم) سميت اڻ ڳڻيا سلسلي جا ساٿي ۽ خلق خدا مستفيد ٿئي پئي.وقت جي مُختلف مونجھارن ۽ معاشري جي سرسري مشاھدي مان اھا ڳالھ پڻ عالم آشڪار آھي ته ھن ڀونءِ مٿان ڀٽڪندڙ انسان روحاني سڪون جي ڳولا ۾ پنھنجا پير پٿون ڪندي نظر اچي ٿو، درد دل جي دوا لاءِ ڪنھن دارون جو متلاش آهي پر انھي ڪوشش ۾ هلندي انسان انھي چوواٽي تي پھچي وڃي ٿو جتي کيس سڀ رستا وسري وڃن ٿا، حواس ڪنھن بد مست گھوڙي جيان واڳون ٽوڙي سندس قبضي مان نڪريو وڃن نتيجو اھو ٿو نڪري ته انسان راھ راست کي ڇڏي ڪنھن اڻ ڏٺي واٽ ڏانھن نڪريو پوي، پوءِ ڪٿي اھو ڀٽڪيل ماڻھو ڪڏھن اُڻٽيھين اونداھ ۾ گُم ٿيو وڃي ته ڪٿي پنھنجو پاڻ وڃائي حق ۽ باطل جو فرق وساري انھن ڪُڌن ڪمن ۾ لڳيو وڃي جيڪي سندس بدنامي ۽ نيڪ نامي جو سبب ۽ معصوم انسانن لاءِ اذيت ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا، اھڙين حالتن ۾ اھا ھڪ حقيقت آھي ته بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري جي لفظن جو مضبوط سھارو ۽ دور انديشي اھڙن ڀٽڪيل ماڻھن کي روشني ڏيکاري واپسي جو دڳ ڏيکاري واپس پُرسڪون طرز حيات ڏانھن وٺيو اچي. اھا پڻ ھڪ تلخ حقيقت آهي ته وقت حاضر ۾ سوشل ميڊيا جي شور ۾ جتي لکڻ ۽ پڙھڻ جو رحجان تمام گهڻو گھٽجي ويو آھي اتي حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري پنھنجا ڪالم اصلاح، مذاح ۽ پڙھندڙن جي سوچ کي نظر ۾ رکندي ‘ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا’ جي سري ھيٺ لکي اھڙو ته وزنائتو سلسلو شروع ڪيو آهي جو پڙھندڙ سائين بابا جو لکيل ڪالم آخري لفظ تائين پڙھڻ تي مجبور ٿيو پوي، نه رڳو ايترو پر ڪالم پڙھڻ کان پوءِ ان ڪالم جي سبق آميز ڳالھ جنھن کي سينٽرل آئيڊيا يا ONE LINE کڻي چئجي مان گھڻو ڪجھ پرائي پنھنجي اصلاح ڪري ٿو، وجود يا ڪردار مان ڪا کُٽل شيءَ پوري ڪري ٿو ٻين لفظن ۾ مڻ ميراڻ ڌوئي ٿو ۽ ڪردار جي ڳري وجود کي ھلڪو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. دُعا آھي ته شال ٻاجھارو رب سائين غلام حيدر شاھ قلندري جون معاشري جي اصلاح لاءِ ڪيل ڪوششون قبول فرمائي.
