مهر فقير
مها ٻوڏ: جولاءِ 2022 ۾ شروع ٿيل برسات جنهن جي اڳڪٿي وقت به وقت موسميات کاتي وارا ڪندا پئي آيا ته هن ڀيري برسات جو ايندڙ سسٽم نهايت ئي طاقتور آهي جنهن جي ڪري خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان کي وڏو نقصان ٿيندو ۽ سيلابي ريلا ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وڏي پئماني تي تباهي مچائيندا ها برابر ايئن ئي ٿيو جو ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهوڙي کان ماٿيلي تائين مطلب ته سنڌ جو انچ انچ چپو چپو سرڪل تپو ديھ تعلقو ضلعو ڊويزن مطلب ته هڙ جا هڙ فصلن ۽ نسلن سميت ڪچن گهرن ۽ پڪن محلن سميت متاثر ٿيا ڪي ڪري مٽي سان مٽي ٿي ويا ته ڪي ڏار ڏئي ٻه حصا ٿي ويا پوري صوبي منجهان هر قبيلي هر ماڻهو هر مذهب واري جي اهائي دانهن ته اسان جو الھ تلھ لڙهي ويو ٻچا تباهه ٿي ويا اسڪول ختم ٿي ويا مال متاع مري ويو کاڌ خوراڪ خراب ٿي وئي ڪاٺيون آليون ٿي ويون چلهون وسامي ويون قبرستان پاڻي سان ڀرجي ويا هاڻي ته لاشن لاءِ ڪفن ناهي لاشن لاءِ جنازي نماز ناهي لاشن لاء دفنائڻ جو هنڌ ناهي.
جيڏانهن نظر نهار تيڏانهن سرتيون سيلاب
منهن جو هر خواب ٻڏي ويو ٻوڏ ۾(مهر فقير)
امداد: مسلسل وسندڙ ۽ بنا بريڪ هلندڙ برساتين جي ڪري نديون نالا ڍنڍون ڍورا نئيون ترايون وغيره پاڻي سان تار ٿي ويون جنهن جي ڪري هرطرف تباهي رونما ٿي انهن تباهين کي نظر ۾ رکندي ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن حڪومت جي ٿرو يا وري سماجي ادارن روبرو جي بنياد تي انهن ٻوڏ متاثرن ۽ روڊن جي ڪنارن واهن جي بندن ۽ خيما بستين ۾ رهائش اختيار ڪيل ڪٽنبن واسطي وڏي پئماني تي مڇردانين دوائن ۽ کاڌ خوراڪ کان علاوه مالي امداد جو پڻ بندوبست ڪيو ڪيترن ئي ملڪن اهڙن امداد جي مستحقن جي مدد واسطي پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کي ڀرپور امداد ڏني ته جيئن انهن متاثرن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي پر هتي سوشل ميڊيا جيڪو عوام جو هڪ نهايت ئي طاقتور مورچو ۽ هٿيار آهي اتان معلوم ٿيو آهي ته امدادي سامان جيڪو مختلف ملڪن کان مليو آهي جنهن تي انهي ملڪ جو نالو ۽ Not For Sale لکيل آهي اهو سامان سرڪاري ڪارندا پيسن ڪمائڻ جي لالچ ۾ دوڪاندارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ دوڪاندار وري مهانگي اگھ تي کپائي عام ۽ ضرورتمند جي جيئري ئي کل لاهي رهيا آهن پر افسوس جو ڪو به متعلقه ادارو اهڙي انڌ جي خلاف ڪو ايڪشن نه پيو وٺي .
سامان جي ورڇ: تازين مسلسل طوفاني برساتين کان بعد هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل تباهي ۽ لڏپلاڻ جي منظرن درد رکندڙ دلين کي ويتر ئي درد مهيا ڪيو آهي جنهن جي ڪري انساني بنيادن تي امداد جو سلسلو شروع ڪري سڪي تي ويٺل يا وري پاڻيء ۾ گهريلن تائين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري سطح تي پهچايو پيو وڃي ته جيئن هن ڏکي ۽ تڪليف واري وقت ۾ ضرورتمندن جي مدد ڪري قيمتي جانين جو تفحظ ڪري سگهجي ڇو ته ڪافي ۽ اڪثر اهڙا علائقا به آهن جيڪي هيٺاهين جي ڪري مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا ۽ انهن کي وقت سر کاڌي پيتي ۽ دوائن جي اشد ۽ تڪڙي ضرورت آهي نت ٻي صورت ۾ بکن ۽ فاقاڪشي يا دوائن نه ملڻ جي صورت ۾ وڏي انگ ۾ موت جي شرح وڌي سگهي ٿي اهو ئي سبب آهي جو امداد ڏيندڙ ۽ امداد ورهائيندڙ رات ڏينهن جي بنياد تي فلاحي ڪمن ۾ مصروف نظر اچن پيا .
ڦرلٽ: جڏهن کان سنڌ ۾ سيلابي وهڪرن ۽ جابلو نئين ۽ ڍنڍن جي ٽٽڻ سبب سڄي سنڌ ۾ تباهي ۽ لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي جيڪو اڃان تائين ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي اتي ئي هرطرف امدادي سامان جي رسد جو ڪم به تيزي سان جاري آهي پر هرطرف کان اهي شڪايتون به عام جام اچي رهيون آهن ته اهو امداد خاص ڪري خاص ماڻهن کي سفارشي بنيادن تي يا وري پارٽي ۽ ووٽن جي مناسبت سان ونڊيو ورهايو پيو وڃي ۽ بي پهچ يا ووٽ نه ڏيندڙن کي مايوس ڪري موٽايو پيو وڃي ها اها بلڪل تسليم ڪرڻ ڳالھ آهي ته اسان وٽ اهو به هڪ قسم جو سياسي رواج آهي جنهن رواج تحت اصل حقدار پنهنجي هر حق کان محروم ئي رهندو آيو آهي ڇو ته جيڪڏهن هتي بنا فرق جي بنا ڪنهن مت ڀيد جي ڪم ڪيو وڃي ها ته شايد ايتري تباهي به ڪين ٿي ها سو سيلاب سٽيل علائقن منجھ جتي جتي امداد جي سخت ضرورت آهي اتي اتي رستن نه هجڻ يا پاڻي جي هجڻ سبب امداد جي رسد نه ٿي سگهي آهي پر الميو اهو به آهي ته اڪثر شهرن ۾ يا روڊن رستن تي ايندڙ امداد تي ماڻهن تاتاري ۽ افغاني لشڪرن جي صورت ۾ ڪاهون ڪري سامان کي ايئن لٽيو آهي جيئن جنگ جي خاتمي بعد هارايلن جو سامان ميڙبو آهي جيڪو نهايت ئي بدنامي جو سبب آهي ان سان قومن جي ساک ته متاثر ٿيندي ئي آهي پر امدادي ادارا امدادي سرگرميون معطل پڻ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اصل حقدار به محروم رهجي ويندا آهن سو خدارا هن مهاٻوڏ ۾ امداد جي ورهاست پارٽي ۽ پنهنجائپ کان هٽي ڪري انساني بنيادن تحت ڪريو ته جيئن ڪو به ضرورت مند محروم نه ٿي ۽ ٻيو ته ڦرلٽ ڪندڙن کي قانون جي دائري ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته عدل انصاف ۽ قانون جو ڳاٽ اوچو رهي .
