بندش پيل فنڊنگ، عمران خان سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل، خانگي بئنڪ جو مئنيجر به نامزد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ اي ذريعن موجب عمران خان خلاف ڪيس پابندي پيل فنڊنگ جي حوالي سان داخل ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ ابراج گروپ جي اڪائونٽ مان 21 لک ڊالرن جي رقم جي منتقلي جو ذڪر آهي ۽ ڪيس ۾ سردار اظهر طارق، طارق شفيع ۽ يونس عامر ڪياني به نامزد آهن. ايف آءِ اي جي متن موجب ابراج گروپ تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليا، اهي پئسا هڪ بئنڪ جي جناح اوينيو برانچ ۾ موڪليا ويا. ايف آءِ اي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عارف نقوي جو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو پر عارف نقوي جو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ڪوڙو ۽ جعلي آهي. متن موجب تحريڪ انصاف جو نجي بئنڪ ۾ اڪائونٽ هو، جيڪو نيا پاڪستان جي نالي سان ٺاهيو ويو، نجي بئنڪ جو مئنيجر به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، بئنڪ مئنيجر غير قانوني بئنڪ اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪيس ايف آءِ اي بئنڪنگ سرڪل ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ بئنڪنگ سرڪل داخل ڪيو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن فارن ايڪسچينج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جوابدار نجي بئنڪ اڪائونٽ جا بينفشري آهن. تحريڪ انصاف جو سيف الله نيازي پڻ ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں