سجاول (ڊ ر) ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز ٻن پاڪستاني مهاڻن کي سمنڊ ۾ شڪار دوران گرفتار ڪري ورتو۔پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي وائيس چيئرمين نور محمد ٿهيمور مطابق گذريل ڏينهن سجاول جي ساحلي تعلقي جاتي جي ڳوٺ زيرو پوائنٽ جا ٻن مهاڻن ياسين شيخ ۽ محمد شيخ کي سمنڊ جي حرامي ڍوري مان مڇي جي شڪار دوران ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪري ورتو۔ ياد رهي تہ ساڳئي ڳوٺ جا 16 مھاڻا اڳ ئي ڀارتي جيلن ۾ ڪيترن سالن کان قيد آھن، جڏهن تہ ھنن ٻن مهاڻن جي گرفتاري بعد ڀارتي جيلن ۾ قيد سجاول ضلعي جي مهاڻن جو انگ وڌي 58 ٿي ويو آهي۔
