حيدرآباد ۾ ٻولي اختياري اداري پاران امداد حسيني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر امداد حسينيءَ کي خراج پيش ڪرڻ ’امداد حسينيءَ جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدمتون‘ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت نامور شاعره ۽ امدا حسينيءَ جي جيون ساٿياڻي ڊاڪٽر سحر امداد ڪئي.پنهنجي صدارتي خطاب ۾ هن چيو ته ”اسان جو اڌ صديءَ جو ساٿ رهيو، هُو جسماني طور جدا هوندي به پري نه آهي، آئون پاڻ سان گڏ کيس محسوس ڪندي آهيان.“ سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ”قوم وٽ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده رهندا آهن. جڏهن جڏهن امداد حسينيءَ جي شاعري پڙهي ويندي، ڳائي ويندي، هو اسان سان گڏ هوندو. وڏا شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ روشنيون، خوشبوءِ ۽ روشني ڇڏي ويندي آهن، اسان کي ان خوشبوءِ، روشني ۽ زندگيءَ تائين پهچڻ لاءِ، انهن جي شاعريءَ جي پڙهڻي آهي. لطيف سائين، امداد صاحب جو سونهون آهي. هو ٻوليءَ جي استعمال جو ”ماسٽر“ هو، هن هر عمر جي ماڻهوءَ جي مزاج موجب ٻوليءَ جو استعمال ڪيو.“ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي عالمن اديبن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ سميت، امداد حسينيءَ جي شخصيت ۽ فن بابت ڳالهائيندي چيو  ته  “امداد صاحب بي مثال شاعرن جي دور جو شاعر آهي، جنهن دور ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، نياز همايوني يا  شمشيرالحيدريءَ  جهڙا شاعر به هئا، پرامداد صاحب پنهنجي منفرد لهجي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ کي  هڪ نئون رخ ڏنو. امداد حسيني پنهنجي اندر ۾ هڪ نئون ماڻهو هو، هو شين کي نئين نگاهه سان ڏسندڙ هو. هن سنڌي شاعريءَ جو مزاج بدلائڻ لاءِ مڪمل شعوري ڪوشش ڪئي. هن نوان موضوع کنيا، زرعي سماج جي موضوعن کي ڇڏي شهري سماج جا موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا. شهرن جي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بحث هيٺ آندو. امداد صاحب گهڻ رخي شخصيت هو، هو وڏو شاعر ته هو ئي پر هو وڏو عالم، نقاد، ايڊيٽر ۽ ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو. کيس ٻوليءَ بابت وڏي ڳڻتي هوندي هئي.“  سيمينار دوران  ادريس جتوئي ‘درسي ۽ نصابي ڪتابن جي تياريءَ ۾ امداد حسينيءَ جون مهارتون’ جي عنوان سان پنهنجي مقالي جو تت پيش ڪندي چيو ته “امداد حسينيءَ پنهنجي ٻوليءَ سان ڪميٽيڊ هو، ۽ هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ درسي ڪتابن ۽ نصاب جي تياريءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو، جنهن دوران ڪتاب جي ڇپائيءَ کان وٺي ٻولي ۽ معيار تائين هر شيءِ کي ڏسندو هو.“ سيمينار ۾ نصير مرزا ‘امداد حسينيءَ جا ريڊيو ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون’ جي عنوان سان پنهنجي مقالي جو خلاصو پيش ڪندي چيو ته “امداد صاحب ريڊيو لاءِ  لکڻيءَ  ۽ اسلوب جو جادوگر هو . هن ريڊيو تي گيتن ڀرين ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ٻوليءَ جون حسناڪيون پيش ڪيون. سندس ڏات جي ان ڏيئي کي ڪنهن به هوا جو جهوٽو اجهائي نه سگهندو.”  علي دوست عاجز ‘امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون حسناڪيون’ جي عنوان سان پنهنجو پيپر پڙهندي چيو ته ”ٻولي جڏهن اٻاڻڪي ٿيندي آهي ته شاعر جي سيني تي هٿ رکندي آهي، امداد حسينيءَ  جي شاعري منفرد ۽ هانُ تي لڳڻ جهڙي آهي“.شبنم گل ‘امداد حسينيءَ جي ڪهاڻين جي ٻولي ۽ اسلوب’ جي عنوان سان مقالو پيش ڪندي چيو ته ”امداد صاحب جي ڪهاڻين ۾ بيهڪ جي نشانين، لفظن ۽ جملن جي ترتيب ۽ ٻوليءَ جو حسن ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. هن عام فهم ٻوليءَ ۾ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي.“ علي آڪاش ‘امداد حسينيءَ جي لکيل مهاڳن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت نڪته نظر’ عنوان سان پنهنجي مقالي جو تت پڙهندي چيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، گرامر، بيهڪ ۽ جوڙجڪ کي سمجهڻ جي لاءِ امداد صاحب جا لکيل مهاڳ پڙهڻ ضروري آهن، امداد صاحب ٻوليءَ جي معاملي ۾ سخت نظريو رکندڙ هو، هُو چوندو هو ته اهو شاعر ٿي ئي نٿو سگهي، جيڪو ٻوليءَ جو ڄاڻو نه آهي“. ياسر قاضي ‘امداد حسينيءَ جا لکيل درسي نظم ۽ ٻارن لاء شاعريءَ‘ جي موضوعن تي پنهنجي تحقيقي مقالي جو تت پيش ڪندي چيو ته ” امداد صاحب هر سٽ ۾ زنده به آهي ته موجود به آهي ۽ هر سٽ ۾ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ ۾ سندس محبت نمايان نظر اچي ٿي.هن نصاب ۽ درسي ڪتابن سان گڏ رسالن ۾ ٻارن لاءِ بيحد حسين شعر لکيا.“سيمينار ۾ نامياري راڳي ذوافقار علي پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.  سيمينار جي ڪارروائي ڊاڪٽر فياض لطيف هلائي. سيمينار جي ٻي نشست دوران نظر شاهه، خليل سمي, جواد احمد، فراز علي ڀلائي ۽ ٻين نوجوان راڳين، امداد حسينيءَ جا گيت ڳائي ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو. سيمينار ۾ امداد حسينيءَ جي ڪٽنب سميت وڏي انگ ۾ عالمن، اديبن، شاعرن،صحافين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں