دڙو ۾ ڦر واقعي خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،ٽائرن کي باهه

دڙو (ن س) دڙو، ميرپوربٺورو روڊ تي نئين ڪراچي، چانيا اسٽاپ وٽ ھٿياربندن ھٿان ڏينھن ڏٺي ٻن ڳوٺاڻن تي تشدد بعد ڦر، واقعي خلاف سوين ڳوٺاڻن طرفان ھڪ ڪلاڪ تائين دڙو ميرپوبٺورو روڊ تي ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي ڌرڻو،دڙو، ميرپوربٺورو روڊ نئين ڪراچي اسٽاپ وٽ ڏينھن ڏٺي ٻن نامعلوم ھٿياربندن ھٿان موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڳوٺاڻن ايوب سولنگي ۽ گلو شيخ کي روڪي تشدد بعد 2 موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن جي رڙين تي ھٿياربند فرار ٿي ويا، ڦر واقعي جي فورن بعد ڳوٺاڻن سيد عطا حسين شاه، غني سولنگي، لطيف اڪبر شاه، گلي سولنگي، مٺن هولاڻي بچل ميرانخور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن دڙو بٺورو روڊ سم نالي اسٽاپ تي ٽائرن کي باھ ڏئي ھڪ ڪلاڪ تائين احتجاجي ڌرڻو ھنيو، جنھن بعد دڙو پوليس جي ايس ايڇ او  آفتاب ميمڻ پوليس نفري ساڻ ڪري پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، ۽ 24 ڪلاڪن اندر ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ واري يقين دھاني بعد احتجاج ختم ڪرايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں