سنڌ ڪابينا آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (بيورو) سنڌ ڪابينا سال 2022ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سال 2012ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ 193 استاد کي مقرر ڪرڻ جي به منظوري، انٽرويو، آفر ۽ ميڊيڪل ليٽر جاري ٿيل اُميدوارن کي ڀرتي ڪريو ويندو، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2012ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اهڙن 104 اُميدوارن کي به ڀرتي ڪيو ويندو، جِن جو ميڊيڪل 4 هفتن کانپوءِ ٿيو هو، سنڌ ۾ پکين جي شڪار تي هڪ سال تائين پابندي لاڳو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ ۾ ڪيترائي پکي به مري ويا، پکين جي واڌ ويجهه لاءِ شڪار تي پابندي لڳائي اٿئون، ڪابينا سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن، پزيرويشن اينڊ مئنيجمينٽ رولز 2022ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب يونيورسٽي سينٽر ضلعي ۾ ٺاهي ويندي، عباسي شهيد اسپتال ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي جي ٽيچنگ اسپتال هوندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير يونيورسٽي وارو بل اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ آف بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ نواب شاهه ايڪٽ پڻ ڪابينا ۾ پيش ٿيو جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں