ملير(ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ملير پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 237 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ معين آباد ۾ جلسو، جلسي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ نياز بٽگرامي سميت مختلف پارٽين جي ڪارڪنن پاران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان، جلسي ۾ صوبائي وزير سعيد غني، نامزد اميدوار عبدالحڪيم بلوچ، ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي سليم بلوچ، پي پي ملير جي صدر سلمان مراد، مير عباس ٽالپر، نعيم عباسي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عمران خان عوام ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪو آهي عوام کيس مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ڪوڙ ڳالهائي عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا حڪومت ۾ رهڻ باوجود عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، هن چيو ته ملير جي تڪ اين اي 237 تي اڳ ۾ به پي پي جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ ڪامياب ٿيو هو جنهن کي ڌاندلي ذريعي هارائي نتيجا تبديل ڪيا ويا هن ڀيري ڌاندلي ڪرڻ ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ نه ڏينداسين پي پي اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، سعيد غني چيو ته عوام جا مسئلا صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي حل ڪندي آهي ٻيا رڳو ڳالهيون ڪندا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي غريبن، مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي پارٽي آهي جنهن هميشه عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪيو آهي پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿي، پيپلز پارٽي کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي، تقريب کي خطاب ڪندي اين اي 237 تي پيپلز پارٽي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ چيو ته ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي ۽ سندن مستقبل صرف ئي صرف پيپلز پارٽي آھي مان پختون ڀائرن کي چوندس پ پ ۾ شامل ٿي اسان جا هٿ مضبوط ڪن ته جيئن هتي رهندڙ سڀني برادرين جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي سگهجي، تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته اسين پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار چئون ٿا،هن چيو ته هاڻ ملڪ مان عمران خان جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ان موقعي تي سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي سليم بلوچ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
