ڪراچي (بيورو) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي آهي، جيڪا دادو سميت ٻين ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪندي. ملالا يوسفزئي پنهنجي والدين سان گڏ پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام ذريعي ڪراچي پهتي، ان موقعي تي ڪراچي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا. سنڌ جي گهرو کاتي پاران اڳ ۾ ئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ملالا يوسفزئي جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ پوليس جو هڪ اسپيشل يونٽ کيس سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيو آهي. 25 ورهين جي ملالا يوسفزئي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي، ملالا يوسفزئي دادو ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي جڏهن ته هو امڪاني طور تي پنهنجي ملالا فنڊ مان ٻوڏ متاثرن جي امداد به ڪندي. ياد رهي ته ملالا يوسفزئي 2012ع ۾ سوات ۾ طالبان جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پرڏيهه هلي وئي هئي ۽ هاڻ هوءَ ٻيون ڀيرو پاڪستان آئي آهي.
