ملڪ جي موجوده صورتحال جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ آهي:قادر مگسي

سجاول (ڊ ر) هميشه سنڌ ڪارڊ کيڏندڙ پارٽي هاڻي سنڌ جي تقسيم جي خواھشمند لساني تنظيم جي فرمائش تي چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدن سميت سنڌ جي گورنر جي عھدي تي ڪامران ٽسوري کي گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سنڌ جي ماڻھن جي جذبات سان کيڏڻ جي برابر آھي، اسان جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر عبدالقادر مگسي سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پاڪستان هن وقت انتهائي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، ملڪ هن وقت بحرانن جو شڪار آهي، جنهن ۾ معاشي بحران، سياسي بحران ۽ اخلاقيات جو بحران شامل آهن. هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن جون پاليسيون گذريل 75 سالن کان غلط آهن جو هنن عوام کي ڪڏهن به پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ئي نه ڏنو، پر هميشه آسمان مان موڪليل نمائندن کي عوام مٿان مسلط ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته عوام جي خدمت ڪندڙ ۽ سياسي ذھن رکندڙ ماڻھن مٿان سياست جا دروازا بند ڪيا ويا آھن ۽ انھن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي ته قومپرستن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ڏسي ۽ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ملندڙ امداد ۾ ڪرپشن ڪندڙ پنهنجي وزيرن ۽ وڏيرن جو احتساب ڪري. هن چيو ته هر سال لکين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿين ٿا پر پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي حڪمرانن ڄاڻي واڻي سنڌ جي شهرن کي بين الاقوامي امداد لاءِ ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ جا حڪمران پينو آهن ۽ عوام کي بک ۽ بدحالي ۾ ڌڪي پنڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تازين برساتن سبب سڄي سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب 35 لک ماڻھو متاثر ٿيا آهن ۽ 15 لک گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، پاڻيءَ جا قدرتي رستا طاقتور ماڻهن جي غيرقانوني قبضن جي ڪري بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هر سال تباهي ايندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي عوام کي ٻوڙڻ ۾ جي يو آئي به پيپلز پارٽي سان برابر جي شريڪ آهي، پر هاڻي عوام کي سوچڻو پوندو ته عوام جو خيرخواھ ڪير آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي عوام قومي محاذ تي گڏ ٿئي ۽ جاگيرداراڻي سياست کي خيرباد چئي درپيش چئلينجن کي منهن ڏنو وڃي. ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراھ سجاول ۾ ٻه مهينا اڳ ميمڻ پيٽرول پمپ تي مبينا طور قتل ٿيل نوجوان صدق رسول شيخ جي والد رسول بخش عرف ڪاڪا شيخ سان تعزيت پڻ ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں