وفاقي ڪابينا طرفان پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ 41 ڪروڙ فنڊز جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينه تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ 41 ڪروڙ روپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ جي مذمت ڪئي وئي. وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. شرڪت ڪندڙن کي لانگ مارچ بابت گهرو وزير طرفان بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه 41 ڪروڙ روپيه فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. فنڊز امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گهريا ويا آهن. وفاقي ڪابينه گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وفاقي ڪابينه سائفر گمشدگي ۽ مبينه آڊيو ليڪس بابت جاري جاچ تي به غور ڪيو ويو. سياسي صورتحال تي غور دوران وزيراعظم سمورن آفيسرن کي ڪابينه روم مان ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي حڪومت صحت واري وزارت کي ڀارت کان مڇردانيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. صحت واري وزارت جي اختيارين موجب 62 لک مڇردانيون خريد ڪرڻ جي لاءِ مالي مدد عالمي ادارو گلوبل فنڊ ڪندو. گلوبل فنڊ جي مالي مدد سان صحت جو عالمي ادارو پاڪستان جي لاءِ مڇردانيون خريد ڪري رهيو آهي. اختيارين چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته مڇردانيون جلد کان جلد پاڪستان اچن اندازو آهي ته 62 لک مڇردانيون نومبر جي وچ ڌاري پاڪستان اچي وينديون. اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي 32 ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي.جتي مليريا ۾ مبتلا ٻارن جي علاج ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مليريا سڀني کان وڏو عوامي اشو بڻجي سامهون اچي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں