ڄامشورو ۾ ٽائون ايڊمنسٽريٽر خلاف ٻئي ڏينهن به بک هڙتال

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو ۾,برساتي پاڻي نيڪال گندگي جي آزار  ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي هٽائڻ لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به  ايس يو پي ٽائون ڄامشورو پاران ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب  سامهون  فلاءِ اوور هيٺيان 3 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٽائون ڄامشورو طرفان اڄ  ٻئي ڏينهن به  ڄامشورو جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ۽ ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي نااهلي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي  بک هڙتال ڪئمپ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٽائون ڄامشورو جي صدر جاويد شورو فاروق نواب ٻٻر شاهنواز خاصخيلي ڪئي  بک هڙتالي ڪئمپ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪزي اڳواڻ حافظ بخشل سيهڙو،  ڄامشورو صدر نثار لاکير، محمد قمبراڻي  منصور جويو، خليق رحمان ٽڳو، ڪليم الله ڪابورو، امير بخش بليدي، اشرف شورو، اسماعيل چانڊيو! سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ ساگر الاهي بخش عالماڻي، شھري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ ربنواز ابڙو، ڄامشورو اتحاد اڳواڻ آصف شورو، سنڌ ادبي سنگت اڳواڻ سرويچ انور چانڊيو،سماجي اڳواڻ اين. بي کوسو،دڪاندار اڳواڻ حميد تيوڻو، فنڪار دانش منظور ٿهيم ۽ ڄامشورو جي سياسي، سماجي ڌرين جي شرڪت!

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں