ڪنري ڀرسان رهواسين جو برساتي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ڪنري (ن س) ڪنري ويجھو الفتح ٽائون ۽ آسپاس جي علائقي جي رھواسين پاران سندن ڪالوني ۾ برساتي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ خلاف مين بودرفارم روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻن لياقت عمراڻي، شير محمد سولنگي، ايلوان ڪولھي، کيمچند ڪولھي، حاجران خاصخيلي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڳوٺ ھارون سمون ۽ ٻين علائقن مان ڪٽ ھڻي برساتي پاڻي بااثرن اسان جي ڪالوني ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب ڪالوني ٻڏي وئي آھي. اسان کي برساتن نه ٻوڙيو پر بااثر هٿن سان ٻوڙن پيا. غريب ماڻھو ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون، ھنن چيو ته علائقي جي آسپاس ۾ رھندڙ سڀ بااثر پنھنجا گھر ۽ ٻڏيون بچائي اسان مسڪينن کي ٻوڙن پيا، انتظاميا کي دانھن ڏيڻ باوجود ڪو تحرڪ نه ٿيو. ھنن مطالبو ڪيو ته بااثرن پاران ڇوڙ ڪيو ويندڙ پاڻي روڪيو وڃي ۽ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں