ڪراچي (بيورو رپورٽ) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري مزار قائد تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي. گورنر سنڌ مزار قائد تي رکيل مهمانن جي ڪتاب ۾ بابائي قوم جي باري ۾ تاثر داخل ڪيا ته قائداعظم پنهنجي پرجوش قيادت سان مظلوم مسلمانن کي آزادي ڏياري. بابائي قوم برصغير جي مسلمانن جي قيادت سنڀالي هو مايوسي جو شڪار هئا. محمد علي جناح هڪ منتشر قوم جي ڪمان سنڀالي ڪري ان ۾ آزادي جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. محمد علي جناح مختصر عرصي ۾ مسلمانن کي آزادي ڏياري ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. قائداعظم پنهنجي صحت جي پرواهه ڪندي بغير جدوجهد آزادي جي قيادت ڪئي. پاڪستان جو قيام ان هي عظيم قائدانه صلاحيتن جو ثمر آهي. ملڪ جي موجوده حالات قائد جي رهنمائي اصولن کي اپنائڻ جو تقاضو ڪندا آهن. هڪ فلاحي معاشري کي جوڙڻ ئي عظيم قائد جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهي ٿو. سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، قائد جي هدايتن، اصولن ڪم ۽ صرف ڪم سان هن قدرتي آفت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. مون کي يقين آهي ته ڀرپور محنت سان اسان تمام جلد انهن مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، پوري قوم يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي.
