ھن وقت تائين 15 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (پ ر) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات سبب تباھي ۽ سرگرمين بابت جاري بيان ۾ چيو آھي تھ  سنڌ حڪومت جون ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي سرگرميون جاري آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 26 هزار 500 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو. قمبرشهدادڪوٽ ۾ 1000،دادو ۾ 2000 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5 هزار خاندانن ۾ راشن ورهايو، هيل تائين 15 لک کان وڌيڪ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ  لاءِ سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري رھيا آھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں