ايجنسين کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، مون جيل وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون تياري ڪري ڇڏي آهي ٿي سگهي ٿو ته مون کي جيل اماڻيو وڃي. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان پرڏيهي ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ضمانت نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مون تياري ڪري ڇڏي آهي، مان هاڻ جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته ڇا اڳ وزيراعظم هجڻ باوجود اوهان کي خبر هئي ته فون ٽيپ ٿيندا آهن؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته سرويلنٽس ته هوندي آهي، اهو نيشنل سيڪيورٽي جو اشو آهي، هن چيو ته انصار عباسي 3 مهينا اڳ چئي ڇڏيو هو ته منهنجي ۽ اعظم خان جي آڊيو موجود آهي. ايجنسين جو ڪم وزيراعظم جي حفاظت هوندو آهي. عدالتي ڪمري ۾ غير رسمي ڳالهين دوران صحافي طرفان سوال ڪيو ته اوهان کي آڊيو رڪارڊ ٿيڻ تي اعتراض آهي يا رليز تي؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته سڄي دنيا ۾ وزيراعظمن جي نگراني ٿيندي آهي پر ڪابه ٽارگيٽيڊ رڪارڊنگ ناهي ٿيندي. جيستائين طاقتور کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو تيستائين انصاف نه ٿيندو. صحافي سوال ڪيو ته سوات ۾ صورتحال خراب آهي، وڏو وزير به صوبي ۾ نه پيو وڃي، جنهن تي عمران خان چيو ته اهو وفاق جو معاملو آهي. سوات ۾ حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن. خيبرپختونخواهه حڪومت ڪيتري وقت کان وفاق کي ٻڌائي رهي هئي. هوڏانهن صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان کي لڳي ٿو ته حڪومت اوهان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي جنهن تي عمران خان چيو ته ٿي سگهي ٿو. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته(ن) ليگ چئي رهي آهي ته اوهان کي ڀڄائي ڀڄائي مارينداسين؟ ان جي جواب ۾ عمران خان چيو ته منهنجو اسٽيمنا شريفن کان وڌيڪ آهي. پرڏيهي فنڊنگ بابت سوال جو جواب ڏيندي عمران خان چيو ته صرف هڪ سياسي پارٽي جي ليگل فنڊنگ آهي ۽ اها آهي تحريڪ انصاف، ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ ٻه نمبر آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ سامهون ناهي آڻي رهيو. هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سڀني جي فنڊرينگ جو ڪيس گڏ ٻڌو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر هنن جي گهر جو ۽ تڪراري ماڻهو آهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪمشنر ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ سامهون کڻي اچي ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جي فنڊنگ ليگل آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته طاقتور ماڻهو ڪير آهن.؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهي ئي اين آر او وارا، اوهان اعتزاز احسن جو بيان ڏسي وٺو. ايجنسين جو اهو ڪم ناهي ته اهي فون ٽيپ ڪري ان کي رليز ڪن، عارف علوي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں