حڪمرانن جي نااهلي سبب لکين ماڻهو دربدر آهن:زينت سمون

حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ حيدرآباد ضلعي جو اجلاس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت ۾ ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي زينت سمون چيو حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااهلي جي ڪري شاھوڪار سنڌ جا حقيقي وارث سنڌي لکين ڀائر، ڀينرون، بزرگ، مائرون ۽ ٻار سخت گرمي، آس ۾ کليل آسمان هيٺان روڊن جي ڀرسان ويٺا آهن مڇر پٽين پيا معصوم ٻارڙن جي رڙيون پيا ڪن ، عورتون، ٻار بکيا ويٺا آهن ۽ جيڪي پنھنجا کربين روپيا کائي ويا آهن حڪمران لاتعلق آهن، سنڌ کي زوري ٻوڙيو ويو آھي جيئن توهان مايوس بيوس لاچار پنھنجو پاڻ کي اڪيلا نہ سمجھو توهان کي روڊن تي ويھڻ تي مجبور ڪرڻ وارا هي پ پ پ جا ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران آهن توهان پر امن احتجاج ذريعي مڙسي ڪري روڊ بند ڪري پنھنجن ٻچڙن جي لاء ويھي رهو جيڪڏهن هي ڪرپٽ حڪمران توهان کي ھيسائيڻ جي ڪوشش ڪندا تہ توهان جي پنھنجي همدرد پارٽي قومي عوامي تحريڪ ۽ توهان جو ڀاءُ اياز لطيف پليجو منھن توڙ جواب ڏيندو ۽ هر ڏکي وقت قومي عوامي تحريڪ توهان جي مالڪي ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں