خيرپور (رپورٽ:طلحه ابڙو) برسات سبب آفت سٽيل يوسي شادي شهيد جي ڳوٺ علي گل ڪٽوهر ،ڳوٺ سولنگي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڊي سي آفيس آڏو اڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي غلام مرتضيٰ ڪٽوهر،ذوالفقار علي، امام الدين، نظام الدين، ممتاز علي ڪٽوهر ،الطاف سولنگي، حبدار سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏيڍ مهيني کان برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون، 6 کان 9 فٽ علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري گهر ،ڳوٺ ويڙاها ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، سٺيو واهه ڪناري کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، پر افسوس آهي جو سنڌ حڪومت ،ضلعي انتظاميان ڪا به واهر ناهي ڪئي، مظاهرين چيو ته اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊي سي خيرپور، اي سي خيرپور صفدر علي ميراڻي جن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهيون پر اسان کي بنا جواز رليف خاطر درپدر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سياسي ماڻهن کي صالح ڪٽوهر معرفت وڏي مقدار ۾ ريلف جو سامان ڏنو پيو وڃي، جيڪي علائقي ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، جن جون شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، ڪمشنر سکر، ۽ ڊي سي خيرپور سميت وس واران کان نوٽيس وٺي مالي مدد ۽ رليف جو سامان ٻوڏ متاثرين کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
