دادوءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جو سجيلا لغاري جي بنگلي اڳيان احتجاج، ڌرڻو

دادو(ڊ ر) دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جو ايم پي اي جوھي سجيلا لغاري جي دادو واري بنگلي آڏو احتجاج ڌرڻو روڊ بلاڪ، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ، جوھي جي ٻوڏ متاثر عورتن، مردن، ٻارڙن پاران ايم پي اي جوھي ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي دادو واري بنگلي جو گھيراءُ ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي، ٻوڏ متاثرين علي حسن لغاري، شير لغاري، مسمات نجمہ، سڪينہ لغاري ۽ ٻين ايم پي اي جوھي جي بنگلي آڏو ڌرڻو ھڻي دادو سيوھڻ لنڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر ۽ مال بردار گاڏين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو، ايم پي اي جوھي ڊاڪٽر سجيلا لغاري دادو واري بنگلي تي من پسند ماڻھن کي راشن، ٽينٽ مهيا ڪري رهي آهي، ضلعي انتظاميه کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي پڻ بند ڪري ڇڏيو آھي ان ڪري اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں