سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ وڏي تباھي آندي آھي، جنھن سان وڏو نقصان ٿيو آھي:ملالا يوسفزئي

دادو(رپورٽ: علي گوھر سومرو) عالمي نوبل انعام يافته ۽ انساني حقن جي علمبردار پاڪسان ڄائي ملالا يوسف زئي   دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪرڻ بعد دادو ڀرسان تيل ڪمپني زم زمہ ھيليپيڊ تي ھيليڪاپٽر لينڊنگ ڪئي، ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو عرفان  سمون سندس استقبال ڪيو، پاڪ فوج جي آفيسرن ٻوڏ بابت کيس بريفنگ ڏني، جنھن بعد جوھي تعلقي ايم اين وي ڊرين جي کير موري جي علائقي ۾ پھچي ٻوڏ متاثرن جي ٻارن لاءِ قائم ٽينٽ اسڪول، ميڊيڪل ڪئمپ ۽ ٻوڏ متاثرن جي خيما بستي جو دورو ڪيو، ملالا یوسف زئي ٻوڏ متاثر عورتن سان ملي جلي وئي، ملالا يوسف زئي ٻوڏ متاثرن کي پيش ايندڙ. مشڪلاتن بابت معلومات ورتي، ان  موقعي تي ٻوڏ متاثر ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اوھان سڀ عورتون وڏيون بھادر آھيو جو ھيڏي وڏي مشڪلاتن سان منھن ڏنو آھي، سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ وڏي تباھي آندي آھي، جنھن سان وڏو نقصان ٿيو آھي، جنھن جو ازالو ڪرڻ  ممڪن ناھي، ٻوڏ جي تباھ ڪارين ۽ لڏ پلاڻ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر حمل واريون عورتون، پيرسن ۽ ٻار ٿيا آھن، ملالا يوسف زئي وڌيڪ چيو تہ ٻوڏ سبب دادو ضلعو وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، ٻوڏ سبب  سنڌ ۾  صحت جو وڏو مسئلو پيدا ٿيو آھي، گھڻي  تعداد ۾ ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آھي، ھن چيو تہ اسان دنيا سان گڏ ملي ٻوڏ متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ملالا يوسف زئي جي آمد دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا، پاڪ فوج جا جوان ۽ پوليس وڏي انگ ۾ مقرر ڪئي وئي ان موقعي تي وزير تعليم سردار شاھ، وزير صحت عذرا پيچوھو پڻ موجود ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں