برلن(ويب ڊيسڪ)جرمني جي هڪ سينيئر سرڪاري عهديدار گذريل سال پنهنجي ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي دوران ناقص انتظامن جي سوال ڪرڻ تي اسعتيفيٰ ڏئي ڇڏي. راجر ليوينٽز گذريل يارهن سالن کان اولهه رياست رائن لينڊ جو گهرو وزير هو. هن استعيفيٰ ڏيندي چيو ته هو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ غلطين تي پاڻ کي ڏوهي سمجهي ٿو. چوڏهن جولاءِ ٻه هزار ايڪويهه تي جرمني ۽ بيلجيم ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ڪري ٻه سئو ٽيهه کان مٿي ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا هئا. سڀ کان وڌيڪ فوتگيون گهرو وزير راجر ليوينٽز جي علائقي ۾ ٿيون جن جو انگ هڪ سئو چوٽيهه هو. ليوينٽز کي تازي هفتي ۾ ان وقت سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ دٻاءُ سان منهن ڏيڻو پيو جڏهن گذريل سال ايندڙ ٻوڏ جي هڪ وڊيو ٻيهر وائرل ٿيڻ شروع ٿيڻ لڳي.
