لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ وڪيشنل ٽرينگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) ايمپلائيز يونين طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالصمند ڀٽي، ريجنل صدر اعجاز مرزا، ضلعي صدر الطاف حسين چانڊيو، ڪاشف ڀٽو، خالد مصطفيٰ لغاري ۽ ٻين چيو ته اسين سال 2009ع کان مختلف ٽيڪنيڪل ڪاليجن وڪيشنل انسٽيوٽ، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، ڪمرشل ڪاليجن ۾ گريڊ 2 کان 14 تائين جي اٽينڊنٽ، شاپ اسسٽنٽ، جونيئر ڪلارڪ، جونيئر انسٽرڪٽر ۽ ٻين پوسٽن تي نوڪريون ڪري رهيا آهيون، پر ان جي باوجود اسان کي پي سي ون تحت پگهارون نه پيون ملن، اسان جا جي پي فنڊ روڪيا ويا آهن، ملازمن جي پروموشن لاءِ ڪاميٽي نه ويهاري وئي آهي، ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ٻيا جائز مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، ويتر ڊائريڪٽرن طرفان ملازمن کي جبري بدلي ڪري انهن کي تنگ ڪرڻ سان گڏ ادارن ۾ پنهنجا نوازي ڪئي پئي وڃي ۽ ملازمن جي پگهارن مان ترقياتي ڪم ڪرائي جي پي فنڊ جي تحت پي سلپ ۾ سال 2011ع کان ڪٽوتي ڪري انهن جا تفصيل نه ٿا ڏنا وڃن، جنهن ڪري اسان جائز مراحتن کان محروم آهيون. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اسٽيوٽا جي چيئرمين سليم رضا جلباڻي ۽ ايم ڊي غلام مصطفيٰ سهاڳ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪري ڇانيل بيچئني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
